جنهن بابل جي بادشاهہ کان اوهين ڊڄو ٿا تنهن کان هاڻ نہ ڊڄو. ان کان ڪوبہ خوف نہ ڪريو، ڇو تہ آءٌ خداوند اوهان سان گڏ آهيان. آءٌ اوهان کي بچائيندس ۽ هن جي هٿان ڇڏائيندس. آءٌ اوهان تي مهربان ٿيندس، تہ جيئن هو اوهان تي رحم ڪري اوهان کي پنهنجن پنهنجن گھرن ۾ آباد ٿيڻ ڏئي. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.‘