سو مون وڃي حننياہ کي اهو پيغام ٻڌائيندي وڌيڪ چيو تہ ”اي حننياہ! ٻڌ، جيئن تہ خداوند تو کي ڪونہ موڪليو آهي، تہ بہ تو هن قوم کي ڪوڙ مٿان يقين ڪرڻ تي قائل ڪيو آهي. تنهنڪري خداوند تو بابت فرمائي ٿو تہ ’آءٌ تو کي روءِزمين تان مِٽائڻ وارو آهيان. هن ئي سال تون مري ويندين، ڇاڪاڻ تہ تو منهنجي خلاف بغاوت جي باهہ ڀڙڪائي آهي.‘“