1
هوسيع 4:13
Sindhi Bible FB
SB
خداوند فرمائي ٿو تہ ”اي اسرائيل وارؤ! آءٌ اهو ئي خداوند اوهان جو بچائيندڙ خدا آهيان، جنهن اوهان کي مصر ملڪ مان ڪڍي آندو. تنهنڪري اوهان کي مون کان سواءِ ڪنهن ٻئي کي معبود بڻائڻ نہ گھرجي ها.
Compare
Explore هوسيع 13:4
2
هوسيع 14:13
تنهنڪري آءٌ خداوند انهن کي پاتال مان ڪونہ ڪڍندس، نہ وري کين موت کان بچائيندس. اي موت! تنهنجي وبا ڇو دير ڪئي آهي؟ اي قبر! تنهنجي تباهي اڃا ڇو نہ آئي آهي؟ هاڻي آءٌ مٿن ڪوبہ رحم نہ ڪندس.
Explore هوسيع 13:14
3
هوسيع 6:13
پر جڏهن اوهين سرسبز ملڪ ۾ داخل ٿيا، ۽ اوهان کائي پي ڍءُ ڪيو، هائو، جڏهن اوهان جو پيٽ ڀريو، تڏهن اوهين مغرور ٿي ويا ۽ اوهان مون کي وساري ڇڏيو.
Explore هوسيع 13:6