اهي پنهنجو سون ۽ چاندي گند ڪچري جيان
گھٽين ۾ اڇلائي ڇڏيندا،
ڇاڪاڻ تہ جڏهن آءٌ خداوند مٿن پنهنجو غضب نازل ڪندس،
تڏهن سندن اهو سون توڙي چاندي کين بچائي نہ سگھندا،
نڪي سندن خواهشن کي اهي پورو ڪري سگھندا،
۽ نہ ئي وري سندن پيٽ ئي ڀري سگھندا،
ڇاڪاڻ تہ اهي ئي شيون سندن گناهہ جو باعث بڻيون آهن.