مئي پي الوٽ نہ ٿيو، ڇوجو انهيءَ سان بياحتياطي پيدا ٿئي ٿي. پر اٽلندو پاڻ ۾ زبور، گيت ۽ روحاني راڳ دل سان خداوند جي واکاڻ ۾ ڳائيندي وڄائيندي پاڪ روح سان ڀرپور ٿيندا وڃو. هميشہ سڀني ڳالهين لاءِ اسان جي خداوند عيسيٰ مسيح جي نالي ۾ خدا پيءُ جا شڪرانا بجا آڻيندا رهو.