آءٌ هيءَ بہ دعا گھرندو آهيان تہ اوهان جون دليون روشن ٿين، تہ جيئن اوهين سمجھي وٺو تہ خدا جنهن اميد لاءِ اوهان کي سڏيو آهي سا ڪيڏي نہ وڏي آهي، مسيح ۾ چونڊي پاڪ ڪيلن لاءِ سندس ميراث ڪيڏي نہ عظيم آهي ۽ اسان ايمان وارن لاءِ هن جي قدرت ڪيڏي نہ بيانداز آهي. اها قدرت خدا جي ساڳي عظيم قدرت آهي جيڪا هن مسيح ۾ ظاهر ڪئي، جڏهن کيس مئلن مان جيئرو ڪري اٿاريائين ۽ آسمان تي پنهنجي ساڄي پاسي ويهاريائين. هائو، هن مسيح کي هر طرح جي حڪومت، اختياريءَ، طاقت ۽ بادشاهيءَ کان گھڻو مٿاهون ڪيو آهي. اهڙو رتبو نہ هن آخري زماني ۾ ۽ نہ وري ايندڙ نئين زماني ۾ ڪنهن کي حاصل ٿيندو.