ائين نہ ٿئي تہ جڏهن اوهين کائي ڍءُ ڪريو ۽ عمديون جايون جوڙي انهن ۾ رهو، جڏهن اوهان جا ڍور ڍڳا ۽ رڍون ٻڪريون وڌن ۽ اوهان جي سون، چانديءَ ۽ سڄي مال ملڪيت ۾ واڌارو ٿئي، تڏهن اوهان جي دل ۾ مغروري اچي وڃي. پوءِ اوهين خداوند پنهنجي خدا کي وساري ويهو، جنهن اوهان کي مصر جي ملڪ مان ڪڍي ٻاهر آندو، جتي اوهين غلام هئا.