سو هو مقدس هيڪل ۾ پنهنجي فوج بيهاري بني اسرائيل جي انهيءَ پناهہگاهہ جي بيحرمتي ڪندو. هو روزانو واريون قربانيون بند ڪري ڇڏيندو ۽ بربادي آڻيندڙ مڪروهہ شيءِ اتي رکندو. جن انهيءَ عهد جي خلافورزي ڪئي هوندي، تن کي هو چالبازيءَ سان پاڻ ڏانهن ڦيرائي آڻيندو. پر جيڪي ماڻهو پنهنجي خدا کي سڃاڻين ٿا، سي ثابت قدم رهندي سندس مقابلو ڪندا.