1
1.تيمٿيس 12:6
Sindhi Bible FB
SB
تون ايمان جي ويڙهہ چڱيءَ طرح وڙهہ ۽ دائمي زندگيءَ کي هٿ ڪر، جنهن جي لاءِ تون سڏيو ويو هئين ۽ گھڻن شاهدن جي روبرو تو چڱو اقرار ڪيو هو.
Compare
Explore 1.تيمٿيس 6:12
2
1.تيمٿيس 10:6
ياد رکو، پئسي سان پيار رکڻ هر قسم جي برائيءَ جي پاڙ آهي. ڪي ماڻهو دولت جي خواهش ۾ پئجي ايمان کان ڀٽڪي ويا آهن ۽ پاڻ کي طرح طرح جي تڪليفن ۾ وڪوڙي ڇڏيو اٿائون.
Explore 1.تيمٿيس 6:10
3
1.تيمٿيس 6:6
بيشڪ دينداري وڏي فائدي واري آهي، بشرطيڪ ان سان گڏ پاڻ وٽ جيڪي ڪجھہ بہ هجي تنهن تي راضي رهجي،
Explore 1.تيمٿيس 6:6
4
1.تيمٿيس 7:6
ڇاڪاڻ تہ اسان دنيا ۾ نہ ڪجھہ آندو آهي ۽ نہ ئي ڪجھہ منجھانئس کڻي وڃي ٿا سگھون.
Explore 1.تيمٿيس 6:7
5
1.تيمٿيس 17:6
جيڪي همايمان هن آخري زماني ۾ دولتمند آهن، تن کي تاڪيد ڪر تہ اهي مغرور نہ ٿين. هو بيبقا دولت تي نہ، پر انهيءَ خدا تي آسرو رکن جيڪو اسان کي سڀ شيون جھجھي انداز ۾ ٿو ڏئي تہ جيئن اسين خوشيون ماڻيون.
Explore 1.تيمٿيس 6:17
6
1.تيمٿيس 9:6
پر جيڪي ماڻهو دولتمند ٿيڻ ٿا گھرن، سي آزمائش ۾ پون ٿا ۽ گھڻين ئي بيوقوفيءَ ۽ نقصان وارين خواهشن جي ڦندي ۾ ڦاسجي تباهيءَ ۽ برباديءَ ۾ غرق ٿي وڃن ٿا.
Explore 1.تيمٿيس 6:9
7
1.تيمٿيس 18:6-19
انهن کي نصيحت ڪر تہ نيڪي ڪن ۽ چڱن ڪمن ۾ دولتمند ٿين، سخي ٿين ۽ ٻين جي مدد ڪرڻ لاءِ تيار رهن. انهيءَ طرح اهي ايندڙ نئين زماني لاءِ اهڙي دولت ميڙيندا جيڪا پختي بنياد واري هوندي، جنهن تي قائم رهي هو اهڙي زندگي هٿ ڪري سگھن ٿا جيڪا حقيقي آهي.
Explore 1.تيمٿيس 6:18-19