1
1.تيمٿيس 16:3
Sindhi Bible FB
SB
انهيءَ سچ بابت اسان کي ڪو شڪ ناهي، بلڪ دينداريءَ جو اهو راز عظيم آهي، يعني هو جسم ۾ ظاهر ٿيو ۽ پاڪ روح ۾ سچو ثابت ٿيو. هو ملائڪن کي ڏسڻ ۾ آيو ۽ قومن ۾ سندس منادي ڪئي ويئي. دنيا ۾ مٿس ايمان آندو ويو ۽ مٿي عظيم خدا جي تخت ڏانهن کنيو ويو.
Compare
Explore 1.تيمٿيس 3:16
2
1.تيمٿيس 2:3
تنهنڪري ضروري آهي تہ نگهبان تي ڪو الزام نہ هجي. هو پنهنجي زال سان وفادار رهڻ سان گڏ پرهيزگار، سمجھُو، اصول وارو، مهماننواز ۽ تعليم ڏيڻ جي لائق هجي.
Explore 1.تيمٿيس 3:2
3
1.تيمٿيس 4:3
هو پنهنجي گھر جو چڱيءَ طرح سنڀاليندڙ ۽ پنهنجي ٻارن کي پوري سنجيدگيءَ سان تابع رکڻ وارو هجي.
Explore 1.تيمٿيس 3:4
4
1.تيمٿيس 12:3-13
هر هڪ خدمتگار پنهنجي زال سان وفادار هجي ۽ پنهنجن ٻارن ۽ پنهنجي گھر جي چڱيءَ طرح سنڀال ڪندڙ هجي. سو جيڪي خدمتگار چڱيءَ طرح خدمت ٿا ڪن، سي چڱو درجو ٿا ماڻين ۽ جيڪو ايمان کين عيسيٰ مسيح تي آهي تنهن ۾ وڏي دليري حاصل ڪن ٿا.
Explore 1.تيمٿيس 3:12-13