اي عزيزؤ! آءٌ اوهان کي تاڪيد ٿو ڪريان تہ هن دنيا ۾ پاڻ کي پرديسي ۽ مسافر سمجھي انهن جسماني خواهشن کان پري رهو، جيڪي اوهان جي روح سان جنگ ٿيون جوٽين. غير ايمان وارن ۾ پنهنجي هلت چلت چڱي رکو، تہ جيئن جيڪي اوهان تي بڇڙو هئڻ جي تهمت ٿا هڻن سي اوهان جا چڱا ڪم ڏسي انهيءَ ڏينهن تي خدا جي واکاڻ ڪن جڏهن هو اچي عدالت ڪندو.