اهو سنديش سڀني لاءِ آهي، جيئن پوِتر شاستر ۾ بہ لکيل آهي تہ ”جيڪو بہ هن تي وشواس آڻيندو، سو شرمندو نہ ٿيندو.“ مطلب تہ يهودين توڙي غير قوم وارن ۾ ڪوبہ فرق نہ آهي، ڇاڪاڻ تہ اهو ئي سڀني جو پرڀو آهي ۽ جيڪو بہ کيس ٻاڏائي ٿو تنهن کي جھجھي انداز ۾ ڏئي ٿو، جيئن پوِتر شاستر ۾ لکيل آهي تہ ”جيڪو بہ پرڀوءَ جو نالو وٺي ٻاڏائيندو تنهن کي مڪتي ملندي.“