سو حننياہ ويو ۽ ان گھر ۾ گھڙي سائول تي پنهنجا هٿ رکي چيائينس تہ ”سائول ڀاءُ! پرڀو يسوع پاڻ مون کي موڪليو آهي، جنهن تو کي رستي ۾ درشن ڏنو هو، جڏهن تون هيڏانهن اچي رهيو هئين. هن مون کي انهيءَ لاءِ موڪليو آهي تہ تو کي وري ديد ملي ۽ تون پوِتر آتما سان ڀرجي وڃين.“ تڏهن هڪدم مڇيءَ جي ڇلر جهڙي ڪا شيءِ سائول جي اکين مان ڪري پيئي ۽ هو وري ڏسڻ وائسڻ لڳو. پوءِ هن اُٿي بپتسما ورتي