تنهنڪري جڏهن اسين ايمان جي ڪري راستباز ٺهرايا وياسين، تڏهن اچو تہ پنهنجي خداوند يسوع مسيح جي وسيلي خدا سان ميل ميلاپ ڪريون. جنهن جي وسيلي ايمان جي ڪري انهي فضل تائين اسان جي پهچ ٿي، جنهن تي اسين قائم آهيون؛ ۽ اچو تہ جا اُميد اسان کي خدا جي جلال جي آهي، تنهن تي فخر ڪريون.