۽ انهي جي پٺيان هڪڙو ٽيون ملائڪ آيو، جنهن وڏي آواز سان چيو تہ جيڪڏهن ڪو ماڻهو انهي حيوان ۽ سندس بُت جي پرستش ڪندو ۽ پنهنجي پيشانيءَ تي يا پنهنجي هٿ تي ڇاپ هڻائيندو؛ تہ اُهو خدا جي غضب جي انهي شراب مان پيئندو، جو سندس غضب جي پيالي ۾ خاص طرح تيار ڪري رکيو ويو آهي. اُنهي کي پاڪ ملائڪن جي اڳيان، ۽ گهيٽي جي اڳيان، باهہ ۽ گندرف جو عذاب ڏنو ويندو. ۽ اُنهن جي عذاب جو دونهون سدائين پيو نڪرندو؛ ۽ جيڪي اُنهي حيوان ۽ سندس بُت جي پرستش ٿا ڪن، ۽ جيڪي سندس نالي جي ڇاپ ٿا هڻائين، تن کي رات ڏينهن آرام ڪونہ ملندو.