۽ جڏهن هنن بزرگن سان گڏجي صلاح مشورت ڪئي، تڏهن سپاهين کي گهڻا پئسا ڏيئي چيائون، تہ اوهين چئو تہ رات جو جڏهن اسين سمهيا پيا هئاسين، تڏهن هن جا شاگرد آيا ۽ کيس چورائي کڻي ويا. ۽ جي اها ڳالهہ حاڪم جي ڪَن تي پيئي، تہ اسين پاڻهي هن کي سمجهائينداسين، ۽ اوهان کي خطري کان بچائي وٺنداسين. تڏهن هنن اُهي پئسا ورتا ۽ جيئن کين سيکاريو هئائون تيئن ڪيائون: ۽ اها ڳالهہ يهودين ۾ پکڙجي ويئي ۽ اڄ ڏينهن تائين هلندي اچي.