1
يشوع 9:1
Sindhi Bible NT
SB62
مون توکي ائين حڪم نہ ڪيو آهي ڇا؟ مضبوط ٿيءُ ۽ چڱي همت ڌار؛ ڊڄ نہ، نڪو خوف ڪر: ڇالاءِ جو جتي بہ تون ويندين اُتي خداوند تنهنجو خدا تو ساڻ آهي.
Compare
Explore يشوع 1:9
2
يشوع 8:1
اهو شريعت جو ڪتاب تنهنجي زبان تان وسرڻ نہ گهرجي، پر رات ڏينهن تون انهيءَ تي غور ڪج، تہ جيڪي انهيءَ منجهہ لکيل آهي تنهن موجب انهيءَ تي عمل ڪندو رهين: ڇالاءِ جو ائين ئي تنهنجو رستو برڪت وارو ٿيندو، ۽ تون پوريءَ طرح ڪامياب ٿيندين.
Explore يشوع 1:8
3
يشوع 7:1
رڳو مضبوط ۽ تمام همت وارو ٿي، ۽ انهيءَ سڄي شريعت موجب ڌيان ڏيئي عمل ڪج، جنهن بابت منهنجي ٻانهي موسيٰ توکي حڪم ڏنو هو: انهيءَ کان سڄي يا کٻي پاسي نہ لڙج، تہ جيڏانهن وڃين اوڏانهن پوريءَ طرح ڪامياب ٿين.
Explore يشوع 1:7
4
يشوع 5:1
تنهنجي سڄي حياتيءَ جي ڏينهن ۾ ڪوبہ ماڻهو تنهنجي سامهون بيهي نہ سگهندو: جيئن آءٌ موسيٰ سان هوس، تيئن توسان بہ هوندس: آءٌ توکي وساري نہ ڇڏيندس، نڪي توکي ڇڏي ڏيندس.
Explore يشوع 1:5
5
يشوع 6:1
مضبوط ٿيءُ ۽ چڱي همت ڌار: ڇالاءِ جو جنهن ملڪ جي نسبت ۾ مون هنن ماڻهن جي ابن ڏاڏن سان قسم کنيو هو تہ کين ڏيندس، اها تون کين ورثو ڪري وٺي ڏيندين.
Explore يشوع 1:6
6
يشوع 3:1
جنهن جنهن جاءِ تي تنهنجو پير پوندو، سا مون اوهان کي ڏني آهي، جيئن ڪ مون موسيٰ کي چيو هو.
Explore يشوع 1:3
7
يشوع 2:1
منهنجو ٻانهو موسيٰ مري ويو آهي؛ تنهنڪري هاڻي اُٿ ۽ هن سڄيءَ قوم سميت يردن جي پار لنگهي هن ملڪ ۾ وڃ، جو آءٌ بني اسرائيل کي ٿو ڏيان.
Explore يشوع 1:2
8
يشوع 1:1
هاڻي خداوند جي ٻانهي موسيٰ جي مرڻ کان پوءِ هيئن ٿيو، جو خداوند موسيٰ جي خادم يشوع بن نون سان ڳالهايو، ۽ چيائينس تہ،
Explore يشوع 1:1
9
يشوع 4:1
بيابان، ۽ هن لبنان کان وٺي وڏيءَ نديءَ، يعني فرات نديءَ تائين، حتين جو سارو ملڪ، ۽ اُلهندي ڏي وڏي سمنڊ تائين، اوهان جي سرحد ٿيندي.
Explore يشوع 1:4
10
يشوع 18:1
جيڪو تنهنجي حڪم جي برخلاف فساد ڪندو، ۽ جيڪي ڳالهيون تون فرمائيندين سي نہ ٻڌندو، سو کڻي ڪير بہ هوندو، تہ انهيءَ کي قتل ڪري ڇڏبو: رڳو مضبوط ٿيءُ ۽ چڱي همت ڌار.
Explore يشوع 1:18
11
يشوع 11:1
اوهين منزلگاهہ جي وچ مان لنگهي ماڻهن کي حڪم ڏيو تہ پنهنجي لاءِ کاڌي جو سامان تيار ڪن؛ ڇالاءِ جو ٽن ڏينهن جي اندر اوهان کي يردن جي پار لنگهڻو پوندو، انهيءَ لاءِ تہ جيڪو ملڪ خداوند ورثو ڪري اوهان کي ڏئي ٿو، سو هٿ ڪريو.
Explore يشوع 1:11