۽ جلعادين افرائيمين کي روڪڻ لاءِ يردن جا لنگهہ وڃي جهليا: ۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن افرائيم جي ڀڳلن مان ڪنهن اچي ٿي چيو تہ مون کي پار لنگهڻ ڏيو، تڏهن جلعاد جي ماڻهن هن کي ٿي چيو تہ تون افرائيمي آهين ڇا؟ جي هن ٿي چيو تہ نہ؛ تہ هنن ٿي چيس تہ تڏهن هاڻي چئُہ سبولت؛ ۽ هن چيو ٿي سبولت؛ ڇالاءِ جو هو انهيءَ لفظ جو اُچار برابر ڪري نٿي سگهيو؛ تنهن تي هو هنن کي جهلي يردن جي لنگهن تي قتل ڪندا هئا: انهيءَ وقت افرائيم جا ٻائيتاليهہ هزار ماڻهو قتل ٿي ويا.