1
گلتين 6:4-7
Sindhi Bible NT
SB62
۽ جيئن تہ اوهين پٽ آهيو، تنهنڪري خدا پنهنجي فرزند جو روح اسان جي دلين ۾ موڪليو، جو ابا يعني، اي بابا چئي ٿو پڪاري. تنهنڪري تون اڳتي غلام نہ آهين پر پٽ آهين؛ ۽ جيڪڏهن پٽ آهين تہ خدا جي وسيلي وارث بہ آهين.
Compare
Explore گلتين 4:6-7
2
گلتين 4:4-5
پر جڏهن وقت اچي پورو ٿيو، تڏهن خدا پنهنجو فرزند موڪليو، جو زال مان پيدا ٿيو، ۽ شريعت جي ماتحت پيدا ٿيو، انهي لاءِ تہ جيڪي شريعت جي ماتحت هئا تن کي آزاد ڪري، تہ اسين گود جا پٽ ٿيون.
Explore گلتين 4:4-5
3
گلتين 9:4
يا هاڻي جڏهن اوهين خدا کان واقف ٿيا، بلڪ جڏهن خدا اوهان کي سڃاتو آهي، تڏهن وري انهن ضعيف ۽ ڪين جهڙين ابتدائي شين ڏانهن ڪيئن ٿا ڦرو، ۽ ڪيئن غلاميءَ ۾ رهڻ لاءِ وري خواهش ٿا ڪريو؟
Explore گلتين 4:9