1
حزقي ايل 4:37-5
Sindhi Bible NT
SB62
وري هن مون کي چيو تہ تون هنن هڏين تي نبوت ڪري چئُہ، تہ اي سُڪل هڏيون، اوهين خداوند جو ڪلام ٻڌو. خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ ڏسو، آءٌ اوهان ۾ ساهہ وجهندس ۽ اوهين زندہ ٿي پونديون.
Compare
Explore حزقي ايل 37:4-5
2
حزقي ايل 6:37
آءٌ اوهان تي نسون رکندس، ۽ اوهان تي ماس چاڙهيندس، ۽ اوهان کي کل سان ڍڪيندس، ۽ اوهان ۾ ساهہ وجهندس ۽ اوهين زندہ ٿي پونديون، ۽ اوهين ڄاڻندا تہ آءٌ خداوند آهيان.
Explore حزقي ايل 37:6
3
حزقي ايل 3:37
۽ هن مون کي چيو تہ اي آدمزاد، هي هڏيون زندہ ٿي سگهن ٿيون يا نہ؟ ۽ مون چيو تہ خداوند، تون ئي ڄاڻين ٿو.
Explore حزقي ايل 37:3
4
حزقي ايل 1:37-2
خداوند جو هٿ مون تي هو، ۽ انهي مون کي خداوند جي روح ۾ کڻي واديءَ جي وچ ۾ آڻي لاٿو؛ ۽ اُها هڏن سان ڀريل هئي؛ ۽ هن مون کي آس پاس انهن جي چوڌاري گهمايو: ۽ ڏس، انهي کليل واديءَ ۾ تمام گهڻيون ۽ سُڪل هڏيون هيون.
Explore حزقي ايل 37:1-2
5
حزقي ايل 7:37-8
تڏهن جيئن مون کي حڪم مليو تيئن مون نبوت ڪئي: ۽ منهنجي نبوت ڪندي هڪڙو آواز ٻڌڻ ۾ آيو، ۽ اوچتو زمين ڌٻي ۽ هڏيون هڏين سان اچي گڏيون. ۽ مون ڏٺو تہ انهن تي نسون هيون، ۽ ماس چڙهڻ لڳو، ۽ مٿان کل چڙهي ويئي: پر اڃا انهن ۾ ساهہ ڪونہ هو.
Explore حزقي ايل 37:7-8
Home
Bible
Plans
Videos