1
حزقي ايل 32:18
Sindhi Bible NT
SB62
خداوند خدا ٿو فرمائي تہ جيڪو مري ٿو تنهن جي مرڻ ڪري مون کي خوشي ڪانہ ٿي ٿئي: تنهنڪري اوهين ڦرو ۽ جيئرا رهو.
Compare
Explore حزقي ايل 18:32
2
حزقي ايل 20:18
جيڪا جان گناهہ ڪندي سا مرندي: پٽ پيءُ جو گناهہ نہ کڻندو. نڪي پيءُ پٽ جو گناهہ کڻندو؛ سچار جي سچائي اُنهي تي رهندي، ۽ شرير جي شرارت بہ انهي تي ئي رهندي.
Explore حزقي ايل 18:20
3
حزقي ايل 31:18
جيڪي گناهہ جهڙا ڪم اوهان ڪيا آهن، تن سڀني کي پاڻ کان پري ڪريو، ۽ پنهنجي لاءِ نئين دل ۽ نئون روح پيدا ڪريو: اي اسرائيل جا گهراڻا ڇو اوهين مرڻ ٿا گهرو؟
Explore حزقي ايل 18:31
4
حزقي ايل 23:18
خداوند خدا ٿو فرمائي تہ شرير جي مرڻ ڪري ڪا مون کي خوشي ٿئي ٿي ڇا؟ بلڪ منهنجي خوشي انهي ۾ ڪونهي ڇا تہ هو پنهنجي بري راهہ کان باز اچي ۽ جيئرو رهي؟
Explore حزقي ايل 18:23
5
حزقي ايل 21:18
پر جيڪڏهن ڪو شرير پنهنجن سڀني ڪيل گناهن کان باز ايندو، ۽ منهنجا سڀ قانون سنڀاليندو، ۽ قاعدي موجب درست ڪم ڪندو، سو ضرور جيئرو رهندو، ۽ مرندو ڪين.
Explore حزقي ايل 18:21
6
حزقي ايل 9:18
منهنجن قانونن تي هليو هوندو، ۽ منهنجن حڪمن جي سنڀال ڪئي هوندائين، ۽ سچائي جي هلت ڪئي هوندائين، اُهو خداوند خدا ٿو فرمائي، تہ سچار آهي ۽ جيئرو رهندو.
Explore حزقي ايل 18:9