1
2 - تيمٿيس 7:1
Sindhi Bible NT
SB62
ڇالاءِ جو خدا اسان کي ڊپ جو روح ڪونہ ڏنو آهي، پر قدرت ۽ محبت ۽ ضابطي جو روح ڏنو اٿس.
Compare
Explore 2 - تيمٿيس 1:7
2
2 - تيمٿيس 9:1
جنهن اسان کي نجات ڏني ۽ پاڪ سڏ سان سڏيو، نہ اسانجن ڪمن موجب، پر پنهنجي خاص ارادي ۽ فضل موجب، جو فضل هن مسيح يسوع ۾ ازل کان اسان تي نازل ڪيو،
Explore 2 - تيمٿيس 1:9
3
2 - تيمٿيس 6:1
انهي سبب ڪري آئون توکي ياد ٿو ڏياريان، تہ تون خدا جي انهيءَ بخشش کي وري چمڪاءِ، جا منهنجن هٿن رکڻ ڪري توکي مليل آهي.
Explore 2 - تيمٿيس 1:6
4
2 - تيمٿيس 8:1
تنهنڪري اسان جي خداوند جي شاهدي ڏيڻ کان، توڙي مون کان جو سندس قيدي آهيان، شرم نہ ڪر؛ پر خدا جي قدرت موجب، خوشخبريءَ جي لاءِ مون سان گڏ ڏک سهہ.
Explore 2 - تيمٿيس 1:8
5
2 - تيمٿيس 12:1
۽ انهي سبب ڪري آئون هي ڏک بہ ٿو سهان. تڏهن بہ آئون شرمايان نٿو، ڇالاءِ جو جنهن تي منهنجو ايمان آهي، تنهن کي آئون سڃاڻان ٿو، ۽ مون کي يقين آهي تہ جيڪا امانت مون هن جي حوالي ڪئي آهي، تنهن جي هو انهي ڏينهن تائين سنڀال ڪري ٿو سگهي.
Explore 2 - تيمٿيس 1:12