جڏهن هي سڀ شيون هن طرح ڳري وڃڻيون آهن، تڏهن اوهان جي پاڪ هلت چلت ۽ دينداري ڪهڙي نہ قسم جي هئڻ گهرجي، ۽ ڪهڙيءَ نہ سڪ سان خدا جي انهي ڏينهن جي اچڻ لاءِ ڪم ڪرڻ گهرجي ۽ انهي جي انتظار ۾ رهڻ گهرجي، جنهن جي ڪري آسمان باهہ ۾ سڙي ڳري ويندا ۽ عناصر سخت گرميءَ جي ڪري پگهرجي ويندا؟