۽ جيڪو هاريءَ کي ٻج ۽ کائڻ لاءِ ماني ٿو ڏئي، سو اوهان کي بہ پوکڻ لاءِ ٻج موجود ڪري ڏيندو، ۽ منجهس واڌ وجهندو، ۽ اوهان جي راستبازيءَ جو ڦل بہ وڌائيندو: ۽ اوهين سڀ ڪنهن ڳالهہ ۾ هر طرح جي سخاوت لاءِ دولتمند ٿيندا، جنهنڪري اسان جي معرفت خدا جي شڪرگذاري ڪرڻ ۾ ٿي اچي.