۽ جڏهن سائول اِهي ڳالهيون ٻڌيون تڏهن خداوند جو روح ڏاڍي زور سان هن تي آيو، ۽ هن جي ڪاوڙ تمام گهڻو ڀڙڪي. ۽ هن ڏاندن جو هڪڙو جوڙو کڻي انهن کي وڍي ٽڪر ٽڪر ڪري ڇڏيو، ۽ اُهي قاصدن جي هٿان اسرائيل جي سڀني سرحدن ۾ موڪلي ڏنائين، ۽ چوائي موڪليائين تہ جيڪو سائول ۽ سموئيل جي پٺيان نڪري نہ ايندو تنهن جي ڏاندن جو بہ ساڳيو حال ڪيو ويندو، ۽ خداوند جو خوف ماڻهن تي پيو، ۽ اُهي سڀيئي گڏجي نڪري آيا.