1
1 - ڪرنٿين 58:15
Sindhi Bible NT
SB62
تنهنڪري اي منهنجا پيارا ڀائرو، اوهين ثابت قدم ۽ قائم رهو، ۽ خداوند جي ڪم ۾ هميشہ وڌندا وڃو، ڇالاءِ جو اوهان کي خبر آهي تہ اوهان جي محنت خداوند ۾ اجائي نٿي ٿئي.
Compare
Explore 1 - ڪرنٿين 15:58
2
1 - ڪرنٿين 57:15
پر شڪرانا خدا جا، جو هو اسان جي خداوند يسوع مسيح جي وسيلي اسان کي فتح ٿو ڏئي.
Explore 1 - ڪرنٿين 15:57
3
1 - ڪرنٿين 33:15
ٺڳجي نہ وڃو، بڇڙي سنگت چڱيون عادتون بگيڙيون ڇڏي.
Explore 1 - ڪرنٿين 15:33
4
1 - ڪرنٿين 10:15
پر جيڪي آهيان سو خدا جي فضل سان آهيان، ۽ سندس فضل، جيڪو مون کي مليو، سو اجايو نہ ٿيو. پر مون پاڻ هنن سڀني کان گهڻي محنت ڪئي، انهي هوندي بہ اهو آئون ڪين هوس، پر خدا جو فضل هو، جو مون سان هو.
Explore 1 - ڪرنٿين 15:10
5
1 - ڪرنٿين 55:15-56
اي موت، تنهنجي فتح ڪٿي آهي؟ اي موت، تنهنجو ڏنگ ڪٿي آهي؟ موت جو ڏنگ آهي گناهہ، ۽ گناهہ جو زور آهي شريعت.
Explore 1 - ڪرنٿين 15:55-56
6
1 - ڪرنٿين 51:15-52
ڏسو، آئون اوهان کي هڪڙي راز جي ڳالهہ ٿو ٻُڌايان: اسين سڀيئي سمهي ڪين پونداسين، پر سڀيئي بدلجي وينداسين؛ هڪڙي لحظي ۾، اک ڇنڀ ۾، پوئينءَ تريءَ جي وڄڻ تي: ڇالاءِ جو اُها تري وڄندي، ۽ جيڪي مري ويا آهن سي غير فاني حالت ۾ اُٿندا، ۽ اسين بدلجي وينداسين.
Explore 1 - ڪرنٿين 15:51-52
7
1 - ڪرنٿين 21:15-22
ڇالاءِ جو جيئن انسان جي ڪري موت آيو، تيئن انسان جي ئي ڪري مُئلن جي قيامت بہ آئي. هن ڪري جو جيئن آدم جي ڪري سڀيئي مرن ٿا، تيئن مسيح جي ڪري سڀيئي وري جيئرا ڪيا ويندا.
Explore 1 - ڪرنٿين 15:21-22
8
1 - ڪرنٿين 53:15
ڇالاءِ جو هي فاني جسم ضرور بقا جي پوشاڪ ڍڪيندو، ۽ هيءُ مرڻ وارو جسم ضرور هميشہ جي زندگيءَ واري پوشاڪ ڍڪيندو.
Explore 1 - ڪرنٿين 15:53
9
1 - ڪرنٿين 25:15-26
ڇالاءِ جو جيستائين هو پنهنجن سڀني دشمنن کي پنهنجي پيرن هيٺ نہ آڻيندو، تيستائين هو ضرور بادشاهي ڪندو. سڀ کان پويون دشمن جو نيست ڪيو ويندو سو آهي موت.
Explore 1 - ڪرنٿين 15:25-26