1
1 - ڪرنٿين 4:13-5
Sindhi Bible NT
SB62
محبت صابر ۽ مهربان آهي؛ محبت ريس نٿي ڪري، محبت پاڻ کي نٿي پڏائي، محبت ٻٽاڪ نٿي هڻي؛ محبت اڍنگي هلت نٿي هلي، پنهنجو فائدو نٿي ڳولي، ڪاوڙجي نٿي، بدگماني نٿي ڪري؛
Compare
Explore 1 - ڪرنٿين 13:4-5
2
1 - ڪرنٿين 7:13
محبت سڀ ڪجهہ سهي ٿي، سڀ ڪنهن ڳالهہ تي اعتبار ٿي ڪري، سڀني ڳالهين ۾ اُميد رکي ٿي، سڀني ڳالهين جي برداشت ڪري ٿي.
Explore 1 - ڪرنٿين 13:7
3
1 - ڪرنٿين 6:13
بدڪاريءَ ۾ خوش نٿي ٿئي، پر سچائيءَ ۾ خوش ٿي رهي.
Explore 1 - ڪرنٿين 13:6
4
1 - ڪرنٿين 13:13
هاڻي ايمان، اُميد ۽ محبت اهي ٽيئي دائمي آهن، پر انهن سڀني ۾ محبت وڏي آهي.
Explore 1 - ڪرنٿين 13:13
5
1 - ڪرنٿين 8:13
محبت کي زوال ڪونهي؛ پر جي نبوتون هونديون تہ اهي بند ٿي وينديون؛ جي زبانون هونديون تہ اُهي بس ٿي وينديون؛ جي علم هوندو تہ اُهو ميٽجي ويندو.
Explore 1 - ڪرنٿين 13:8
6
1 - ڪرنٿين 1:13
جيڪڏهن آئون ماڻهن توڙي ملائڪن جون ٻوليون ڳالهايان پر محبت نہ هجيم، تہ آئون وڄندڙ پتل ۽ ڇڻڪندڙ جهانجهہ آهيان.
Explore 1 - ڪرنٿين 13:1
7
1 - ڪرنٿين 2:13
۽ جي مون کي نبوت مليل هجي، ۽ سڀيئي راز ۽ سڀ علم ڄاڻندو هجان، ۽ جي منهنجو ايمان اهڙو ڪامل هجي جو جبلن کي هٽائي پاسي ڪري ڇڏيان، پر محبت نہ هجيم، تہ آئون ڪي ڪين آهيان.
Explore 1 - ڪرنٿين 13:2
8
1 - ڪرنٿين 3:13
۽ جي آئون پنهنجو سڀوئي مال ملڪيت غريبن کي کارائي ڇڏيان، ۽ پنهنجو بدن سڙڻ لاءِ ڏيئي ڇڏيان، پر محبت نہ هجيم، تہ انهي مان مون کي ڪو فائدو ڪونهي.
Explore 1 - ڪرنٿين 13:3
9
1 - ڪرنٿين 11:13
جڏهن آئون ٻار هوس، تڏهن ٻارن وانگر ڳالهائيندو هوس، ٻارن وانگر سمجهندو هوس ٻارن وانگر خيال ڪندو هئس، پر جڏهن آئون بالغ ٿيس، تڏهن ٻاراڻيون ڳالهيون ڇڏي ڏنم.
Explore 1 - ڪرنٿين 13:11