3
ڪليسيا جو نگهبان ٿيڻ لاءِ شرط
1اهو سچ آهي تہ جيڪو ماڻهو ڪليسيا ۾ نگهبان جو عهدو وٺڻ گھري ٿو، سو چڱي ڪم جي خواهش ٿو ڪري. 2#طيط 1:6-9 تنهنڪري ضروري آهي تہ نگهبان تي ڪو الزام نہ هجي. هو پنهنجي زال سان وفادار رهڻ سان گڏ پرهيزگار، سمجھُو، اصول وارو، مهماننواز ۽ تعليم ڏيڻ جي لائق هجي. 3هو نشئي نہ هجي، نہ ئي مار ڪٽ ڪندڙ، بلڪ حليم هجي. هو جھيڙو ڪندڙ يا پئسي جو لالچي نہ هجي. 4هو پنهنجي گھر جو چڱيءَ طرح سنڀاليندڙ ۽ پنهنجي ٻارن کي پوري سنجيدگيءَ سان تابع رکڻ وارو هجي. 5ڏسو، جيڪڏهن ڪو ماڻهو پنهنجو گھر ئي سنڀالي نہ ٿو سگھي تہ اهو خدا جي ڪليسيا جي سار سنڀال ڪيئن ڪري سگھندو؟ 6هو تازو ايمان آڻيندڙ نہ هجي، متان ڦونڊ ۾ اچي ابليس وانگر گنهگار قرار ڏنو وڃي. 7انهيءَ کان علاوہ جيڪي ڪليسيا کان ٻاهر آهن، تن ۾ بہ هو نيڪ نام هجي، انهيءَ لاءِ تہ متان ملامت هيٺ اچي ۽ ابليس جي ڦندي ۾ ڦاسي پوي.
ڪليسيا جو خدمتگار ٿيڻ لاءِ شرط
8ساڳيءَ طرح ڪليسيا جا خدمتگار بہ مانائتي ڪردار وارا هجن. اهي ٻِہچاپڙا، نشئي ۽ لالچي نہ هجن. 9اهي ايمان وارين ظاهر ڪيل ڳالهين کي صاف ضمير سان سنڀالي رکن. 10هي بہ ضروري آهي تہ پهريائين انهن کي پرکيو وڃي، پوءِ جيڪڏهن سندن خلاف ڪو الزام ثابت نہ ٿئي تہ ڀلي خدمتگار طور ڪم ڪن.
11ساڳئي نموني خدمتگار عورتون بہ مانائتي ڪردار واريون هجن. اهي گلا ڪندڙ نہ هجن، پر پرهيزگار ۽ هر ڳالهہ ۾ ڀروسي جوڳيون هجن.
12هر هڪ خدمتگار پنهنجي زال سان وفادار هجي ۽ پنهنجن ٻارن ۽ پنهنجي گھر جي چڱيءَ طرح سنڀال ڪندڙ هجي. 13سو جيڪي خدمتگار چڱيءَ طرح خدمت ٿا ڪن، سي چڱو درجو ٿا ماڻين ۽ جيڪو ايمان کين عيسيٰ مسيح تي آهي تنهن ۾ وڏي دليري حاصل ڪن ٿا.
ڪليسيا لاءِ هدايتن جا سبب
(3:14–4:16)
(خدا جو گھراڻو سچ جو ٿنڀو)
14مون کي اميد آهي تہ جلد ئي تو سان اچي ملندس. تڏهن بہ هي هدايتون آءٌ تو ڏانهن انهيءَ لاءِ لکي رهيو آهيان 15جو جيڪڏهن مون کي اچڻ ۾ دير ٿئي تہ هنن هدايتن مان تون ڄاڻي وٺجانءِ تہ خدا جو گھراڻو جيڪو جيئري خدا جي ڪليسيا ۽ سچ جو ٿنڀو ۽ بنياد آهي، تنهن ۾ ماڻهن کي ڪهڙيءَ طرح هلت چلت ڪرڻ کپي. 16انهيءَ سچ بابت اسان کي ڪو شڪ ناهي، بلڪ دينداريءَ جو اهو راز عظيم آهي، يعني
هو جسم ۾ ظاهر ٿيو
۽ پاڪ روح ۾ سچو ثابت ٿيو.
هو ملائڪن کي ڏسڻ ۾ آيو
۽ قومن ۾ سندس منادي ڪئي ويئي.
دنيا ۾ مٿس ايمان آندو ويو
۽ مٿي عظيم خدا جي تخت ڏانهن کنيو ويو.