2
عبادت بابت هدايتون
1هاڻي سڀ کان پهريائين آءٌ هيءَ نصيحت ٿو ڪريان تہ منٿون، دعائون، التجائون ۽ شڪرگذاريون سڀني ماڻهن لاءِ ڪيون وڃن. 2خاص ڪري بادشاهن ۽ سڀني اختياريءَ وارن لاءِ دعا گھرو، انهيءَ لاءِ تہ اسين پوري دينداريءَ ۽ سنجيدگيءَ سان امن ۽ سلامتيءَ واري زندگي گذاريون. 3اها ڳالهہ چڱي ۽ اسان جي ڇوٽڪاري ڏيندڙ خدا جي نظر ۾ وڻندڙ آهي. 4هو چاهي ٿو تہ سڀيئي ماڻهو ڇوٽڪارو حاصل ڪري سچائيءَ کي ڄاڻي وٺن. 5انهيءَ جو سبب هي آهي تہ ڇوٽڪارو ڏيڻ وارو خدا هڪڙو ئي آهي ۽ خدا ۽ ماڻهن جو وچ وارو بہ هڪڙو آهي، يعني عيسيٰ مسيح جيڪو انسان آهي. 6هن سڀني ماڻهن جي ڇوٽڪاري لاءِ پنهنجو پاڻ کي عيوضي طور ڏيئي ڇڏيو. مسيح جي اها قرباني هڪ شاهدي آهي جيڪا مناسب وقت تي ڏني ويئي. 7#2.تيم 1:11 انهيءَ شاهديءَ جو منادي ڪندڙ ۽ رسول مون کي مقرر ڪيو ويو، انهيءَ لاءِ تہ آءٌ غير قومن کي تعليم ڏيان تہ جيئن اهي ايمان آڻي سچائيءَ کي ڄاڻي وٺن. آءٌ سچ ٿو چوان، ڪوڙ نہ ٿو ڳالهايان.
8منهنجي مرضي آهي تہ مرد گڏجي هر عبادت ۾ ڪاوڙ ۽ تڪرار کان سواءِ پاڪ هٿن سان دعا گھرن. 9#1.پط 3:3 منهنجي مرضي اها بہ آهي تہ عورتون حياءَ واري پوشاڪ ڍڪي لڄ ۽ پرهيزگاريءَ سان پاڻ کي سينگارين، نہ وارن کي ڳُتڻ يا سون يا موتين يا قيمتي ڪپڙن پهرڻ سان، 10بلڪ اهي پاڻ کي چڱن ڪمن سان سينگارين، جيئن انهن عورتن کي مناسب آهي، جيڪي پاڻ کي خداپرست ٿيون چوائين.
11عورتن کي گھرجي تہ خاموش رهندي پوري تابعداريءَ سان تعليم حاصل ڪن. 12آءٌ اجازت نہ ٿو ڏيان تہ عورتون مردن کي تعليم ڏين يا مٿن حڪم هلائين، بلڪ اهي خاموش رهن. 13#پيد 2:7،21-22 انهيءَ جو سبب هي آهي تہ پهريائين آدم جوڙيو ويو ۽ پوءِ حوا. 14#پيد 3:1-6 اهو بہ آهي تہ آدم ٺڳيو نہ ويو، پر حوا يعني عورت ٺڳجي ويئي ۽ خدا جي حڪم جي ڀڃڪڙي ڪيائين. 15#پيد 3:16تنهن هوندي بہ عورت ذات ٻار پيدا ڪرڻ واري حالت جي باوجود #2:15 ڇوٽڪارو حاصل ڪندي يا بچي ويندي.ڇوٽڪارو حاصل ڪندي، بشرطيڪ اها ايمان، محبت ۽ پاڪيزگيءَ تي پرهيزگاريءَ سان قائم رهي.