1.تيمٿيس 4

4
(گمراهہ ڪندڙن کان بچڻ لاءِ)
1پاڪ روح صاف طور چوي ٿو تہ آخري ڏينهن ۾ ڪي ماڻهو ايمان کان ڦري گمراهہ ڪندڙ روحن ۽ ڀوتن جي تعليم تي ڌيان ڏيندا. 2اهڙيون ڳالهيون انهن ڪوڙن ماڻهن جي رياڪاريءَ ڪري ٿينديون، جن جي ضمير کي شيطان ڏنڀ هڻي پنهنجو ظاهر ڪيو آهي. 3اهڙا ماڻهو شادي ڪرڻ کان منع ٿا ڪن ۽ کاڌي وارين ڪن شين کان پرهيز ڪرڻ جو حڪم ٿا ڏين، جڏهن تہ اهي شيون خدا انهيءَ لاءِ پيدا ڪيون آهن تہ جيڪي ماڻهو ايمان رکن ٿا ۽ سچ کي سڃاڻين ٿا سي انهن کي شڪرگذاريءَ سان کائين. 4خدا جيڪي ڪجھہ جوڙيو آهي، سو چڱو آهي ۽ انهيءَ کي رد ڪرڻ نہ گھرجي. پر ضروري اهو آهي تہ انهيءَ کي خدا جي شڪرگذاريءَ سان قبول ڪيو وڃي، 5ڇاڪاڻ تہ اهو سڀ خدا جي فرمان ۽ ماڻهن جي دعا جي ڪري پاڪ ٿي پوي ٿو.
(سٺي خدمت ڪرڻ لاءِ تيمٿيس کي آگاهي)
6جيڪڏهن تون ايمان وارن کي اهي ڳالهيون ياد ڏياريندو رهندين تہ عيسيٰ مسيح جو سٺو خدمتگار ثابت ٿيندين. انهيءَ سان گڏ ايمان وارين ڳالهين ۽ سٺي تعليم سان پرورش پائيندين، جن تي تون هلندو رهيو آهين. 7اجاين ۽ سکڻين ڪهاڻين تي ڌيان نہ ڏي، اٽلندو پاڻ ۾ دينداريءَ جي پرورش ڪر. 8انهيءَ جو سبب اهو آهي تہ جسم جي پرورش مان تہ ڪو ٿورو فائدو آهي، پر دينداري سڀني ڳالهين لاءِ فائدي واري آهي. هائو، هاڻوڪي ۽ آئيندہ زندگيءَ جي لاءِ واعدو بہ انهيءَ جي ڪري ٿيل آهي. 9اها ڳالهہ ڀروسي جوڳي ۽ پوريءَ طرح قبول ڪرڻ جي لائق آهي. 10انهيءَ سبب ئي اسين محنت ۽ سخت ڪوشش ٿا ڪريون، ڇاڪاڻ تہ اسان جي اميد انهيءَ جيئري خدا تي رکيل آهي جيڪو سڀني ماڻهن، خاص ڪري ايمان وارن کي ڇوٽڪارو ڏيندڙ آهي.
11اهي ڳالهيون سيکاريندي ماڻهن کي مٿن عمل ڪرڻ جو حڪم ڏي. 12ائين ٿيڻ نہ ڏي جو ڪوبہ ماڻهو تنهنجي جوانيءَ جي ڪري تو کي خسيس سمجھي، بلڪ تون ڳالهہ ٻولهہ ۾، هلت چلت ۾، محبت ۾، ايمان ۾ ۽ پاڪيزگيءَ ۾ ايمان وارن لاءِ نمونو ٿيءُ. 13جيستائين آءٌ اچان تيستائين ماڻهن ۾ پاڪ لکتون پڙهي ٻڌائڻ، نصيحت ڪرڻ ۽ تعليم ڏيڻ ۾ مشغول رهہ. 14جيڪا نعمت تو کي خدا جي فرمان جي وسيلي ڪليسيا جي اڳواڻن جي هٿن رکڻ سان ملي هئي، تنهن کان غافل نہ رهہ.
15انهن ڳالهين تي ڌيان ڏي ۽ پاڻ کي انهن جي لاءِ وقف ڪري ڇڏ، تہ جيئن هر ڪنهن ماڻهوءَ تي تنهنجي ترقي ظاهر ٿئي. 16پاڻ کي ۽ پنهنجي تعليم کي جاچيندو رهہ. انهن هدايتن تي ثابت قدم رهہ، ڇاڪاڻ تہ ائين ڪرڻ سان تون پنهنجي ۽ پنهنجي ٻڌڻ وارن جي ڇوٽڪاري جو سبب بڻبين.

Цяпер абрана:

1.تيمٿيس 4: SB

Пазнака

Капіяваць

Параўнаць

Падзяліцца

None

Хочаце, каб вашыя адзнакі былі захаваны на ўсіх вашых прыладах? Зарэгіструйцеся або ўвайдзіце