منهنجي مرضي آهي تہ مرد گڏجي هر عبادت ۾ ڪاوڙ ۽ تڪرار کان سواءِ پاڪ هٿن سان دعا گھرن. منهنجي مرضي اها بہ آهي تہ عورتون حياءَ واري پوشاڪ ڍڪي لڄ ۽ پرهيزگاريءَ سان پاڻ کي سينگارين، نہ وارن کي ڳُتڻ يا سون يا موتين يا قيمتي ڪپڙن پهرڻ سان، بلڪ اهي پاڻ کي چڱن ڪمن سان سينگارين، جيئن انهن عورتن کي مناسب آهي، جيڪي پاڻ کي خداپرست ٿيون چوائين.