1
مرقس 45:10
Hindu Sindi Bible NT
HSB
ڏسو، منشپتر بہ انهيءَ لاءِ نہ آيو آهي تہ ٻيا سندس سيوا ڪن، بلڪ انهيءَ لاءِ آيو آهي تہ پاڻ ٻين جي سيوا ڪري ۽ گھڻن کي بچائڻ واسطي پنهنجي جان عيوضي طور ڏئي.“
ஒப்பீடு
مرقس 10:45 ஆராயுங்கள்
2
مرقس 27:10
يسوع انهن ڏانهن نهاري چيو تہ ”اها ڳالهہ انسان جي وس کان ٻاهر آهي، پر ايشور جي وس کان نہ، ڇاڪاڻ تہ ايشور هر شيءِ تي شڪتيوان آهي.“
مرقس 10:27 ஆராயுங்கள்
3
مرقس 52:10
يسوع چيس تہ ”وڃ، تنهنجي وشواس تو کي سڄو ڪيو آهي.“ تڏهن هو هڪدم ڏسڻ وائسڻ لڳو ۽ يسوع جي پٺيان رستو وٺي هليو.
مرقس 10:52 ஆராயுங்கள்
4
مرقس 9:10
سو جن کي ايشور ملايو آهي تن کي ماڻهو جدا نہ ڪري.“
مرقس 10:9 ஆராயுங்கள்
5
مرقس 21:10
تڏهن يسوع هن کي چتائي ڏٺو ۽ سندس دل ۾ هن لاءِ پريم پيدا ٿيو. پوءِ چيائينس تہ ”تو ۾ اڃا هڪڙي گھٽتائي آهي. سو وڃ ۽ وڃي پنهنجي سموري ملڪيت وڪڻي اُهي پئسا غريبن ۾ دان ڪر. تڏهن ايشور وٽ تو کي خزانو ملندو. سو دان ڪرڻ کان پوءِ اچي منهنجو پوئلڳ ٿيءُ.“
مرقس 10:21 ஆராயுங்கள்
6
مرقس 51:10
يسوع پڇيس تہ ”تون ڇا ٿو چاهين جيڪو آءٌ تنهنجي لاءِ ڪريان؟“ انڌي وراڻيس تہ ”اي گرو! آءٌ چاهيان ٿو تہ مون کي وري ديد ملي.“
مرقس 10:51 ஆராயுங்கள்
7
مرقس 43:10
پر اوهان ۾ ائين نہ آهي. اوهان ۾ جيڪو وڏو ٿيڻ چاهي تہ اهو اوهان جو سيوڪ ٿئي.
مرقس 10:43 ஆராயுங்கள்
8
مرقس 15:10
آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ جيستائين ڪو ايشور جي راڄ کي هڪ ننڍي ٻار وانگر ٿي قبول نہ ڪندو، تيستائين اهو ان ۾ داخل نہ ٿيندو.“
مرقس 10:15 ஆராயுங்கள்
9
مرقس 31:10
پر ڪيترائي جيڪي هاڻي اڳيان آهن سي پويان ٿيندا ۽ ڪيترائي جيڪي هاڻي پويان آهن سي اڳيان ٿيندا.“
مرقس 10:31 ஆராயுங்கள்
10
مرقس 6:10-8
پر سنسار جي رچنا کان وٺي ايشور هنن کي نر ۽ ناري ڪري پيدا ڪيو آهي. پوِتر شاستر ۾ لکيل آهي تہ ’تنهنڪري مرد پنهنجي ماتا پتا کي ڇڏي پنهنجي پتنيءَ سان گڏجي رهندو ۽ ٻہ شرير گڏجي هڪ ٿي ويندا.‘ هاڻ اهي ٻہ نہ، پر هڪ آهن.
مرقس 10:6-8 ஆராயுங்கள்
முகப்பு
வேதாகமம்
வாசிப்புத் திட்டங்கள்
காணொளிகள்