Logo de l'Aplicació de la Bíblia
Icona de cerca

يرمياہ 42

42
1تڏهن اتي لشڪر جا سڀ سالار ۽ يوحنان ولد قريح، عزرياہ ولد هوسعياہ ۽ ٻيا سڀ ننڍا توڙي وڏا ماڻهو 2مون يرمياہ وٽ آيا ۽ مون کي چيائون تہ ”اسان جو عرض آهي تہ اوهين مهرباني ڪري خداوند خدا جنهن جا اوهين خاص ٻانها آهيو، تنهن کان هنن باقي بچيلن لاءِ دعا گھرو. اوهين پاڻ ڏسو ٿا تہ ڪڏهن تہ اسين گھڻا هئاسين پر هاڻ ٿورڙا وڃي بچيا آهيون. 3سو اوهين دعا گھرو تہ خداوند خدا اسان جي رهنمائي ڪري تہ اسين ڪيڏانهن وڃون ۽ ڇا ڪريون.“ 4مون کين وراڻيو تہ ”مون اوهان جي ڳالهہ ٻڌي آهي. آءٌ پڪ ئي پڪ خداوند اسان جي خدا کان دعا گھرندس، جيئن اوهان عرض ڪيو آهي. آءٌ اوهان کي اهو سڀ ٻڌائيندس، جيڪي خداوند اوهان بابت ٻڌائيندو. آءٌ اوهان کان ڪجھہ بہ نہ لڪائيندس.“ 5تڏهن هنن مون کي چيو تہ ”خداوند اسان جو خدا اوهان جي معرفت جيڪو بہ حڪم اسان کي ڏيندو، جيڪڏهن اسين ان تي عمل نہ ڪريون تہ پوءِ سچو ۽ وفا ڪندڙ خداوند شل اسان جي خلاف ٿئي. 6اهو اسان جي لاءِ ڀلو هجي يا برو، پر اسين خداوند اسان جي خدا، جنهن کان دعا گھرڻ لاءِ اسين اوهان کي عرض ڪري رهيا آهيون تنهن جي فرمانبرداري ڪنداسين، تان‌تہ جڏهن اسين خداوند پنهنجي خدا جي تابعداري ڪريون تہ اسان جو ڀلو ٿئي.“
مصر وڃڻ کان خداوند جي منع
7ڏهن ڏينهن کان پوءِ مون تي خداوند جو فرمان نازل ٿيو. 8سو مون يوحنان ولد قريح ۽ لشڪر جا جيڪي سالار ساڻس گڏ هئا تن سڀني کي ۽ ٻين ننڍن توڙي وڏن ماڻهن کي پاڻ وٽ سڏايو. 9مون کين چيو تہ ”خداوند، بني اسرائيل جو خدا، جنهن کان دعا گھرڻ لاءِ اوهان مون کي عرض ڪيو هو، سو فرمائي ٿو تہ 10’جيڪڏهن اوهين هن ملڪ يهوداہ ۾ ئي آباد رهندا تہ آءٌ اوهان کي اڏيندس، ڊاهيندس نہ، آءٌ اوهان جا پير ڄمائيندس، اُکيڙيندس نہ، ڇاڪاڻ تہ جيڪا مصيبت مون اوهان تي آندي تنهن کان مون کي ڏک پهتو آهي. 11جنهن بابل جي بادشاهہ کان اوهين ڊڄو ٿا تنهن کان هاڻ نہ ڊڄو. ان کان ڪوبہ خوف نہ ڪريو، ڇو تہ آءٌ خداوند اوهان سان گڏ آهيان. آءٌ اوهان کي بچائيندس ۽ هن جي هٿان ڇڏائيندس. 12آءٌ اوهان تي مهربان ٿيندس، تہ جيئن هو اوهان تي رحم ڪري اوهان کي پنهنجن پنهنجن گھرن ۾ آباد ٿيڻ ڏئي. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.‘
13پر جيڪڏهن اوهين خداوند پنهنجي خدا جي نافرماني ڪندا ۽ چوندا تہ ’اسين هن ملڪ ۾ نہ رهنداسين، 14هرگز نہ، بلڪ اسين مصر جي ملڪ ۾ وڃي رهنداسين، جتي نہ اسين جنگ ڏسنداسين، نڪي انهيءَ جي نفيلن جو آواز ئي ٻڌنداسين ۽ نہ وري مانيءَ لاءِ بکايل رهنداسين،‘ 15تہ پوءِ خداوند جو فرمان ٻڌي ڇڏيو، اي يهوداہ جا باقي بچيل رهاڪؤ! قادرِمطلق خداوند، بني اسرائيل جو خدا فرمائي ٿو تہ ’جيڪڏهن مصر ۾ وڃي رهڻ جو اوهان جو ارادو پڪو آهي ۽ واقعي اتي وڃي رهندا تہ پوءِ 16ياد رکو، جنهن جنگ کان اوهين ڊڄو ٿا سا اتي اوهان تي اچي ڪڙڪندي ۽ جنهن ڏڪار کان اوهين خوفزدہ آهيو سو مصر ۾ بہ اوهان جو پيڇو ڪندو ۽ اوهين اتي ئي مري کپي ويندا. 17يقيناً ائين ئي ٿيندو جو جن مصر ۾ وڃي رهي پوڻ جو پڪو ارادو ڪري ڇڏيو آهي، سي اتي جنگ، ڏڪار ۽ وبا سان مري کپي ويندا. انهن مان ڪوبہ انهيءَ مصيبت کان بچي ڪين سگھندو جيڪا آءٌ مٿن آڻيندس. 18سو جيڪڏهن اوهين مصر ۾ وڃي رهندا، تہ پوءِ جهڙيءَ طرح منهنجي ڪاوڙ ۽ منهنجو غضب يروشلم تي نازل ٿيو آهي، تهڙيءَ طرح منهنجو غضب اوهان تي بہ نازل ٿيندو. اوهين لعنت، عبرت، پٽ پاراتي ۽ ملامت جو ڪارڻ بڻجي پوندا. پوءِ اوهين هي هنڌ وري ڪڏهن بہ نہ ڏسندا. اهو مون قادرِمطلق خداوند، بني اسرائيل جي خدا جو فرمان آهي.‘
19اي يهوداہ جا باقي بچيل رهاڪؤ! خداوند اوهان کي مصر ڏانهن وڃڻ جي منع فرمائي آهي. ياد رکو، اڄ مون اوهان کي آگاهہ ڪري ڇڏيو آهي. 20حقيقت ۾ اوهان پنهنجو پاڻ سان دوکو ڪيو آهي جو مون کي خداوند اسان جي خدا کان دعا گھرڻ لاءِ عرض ڪري چيو اٿوَ تہ جيڪي ڪجھہ هو چوندو سو ئي اوهين ڪندا. 21اڄ مون اوهان کي اهو سڀ ڪجھہ ٻڌائي ڇڏيو آهي، جيڪي خداوند اسان جي خدا اوهان کي ٻڌائڻ لاءِ مون کي فرمايو. پر اوهين انهن سڀني ڳالهين جي نافرماني ڪري رهيا آهيو. 22سو هاڻي پڪ ڄاڻو تہ اوهين جنهن هنڌ وڃي رهڻ جو ارادو رکو ٿا، اتي اوهين جنگ، ڏڪار ۽ وبا سان مري کپي ويندا.“

S'ha seleccionat:

يرمياہ 42: SB

Subratllat

Copia

Compara

Comparteix

None

Vols que els teus subratllats es desin a tots els teus dispositius? Registra't o inicia sessió