Logo de l'Aplicació de la Bíblia
Icona de cerca

يرمياہ 41

41
جِدلياہ جو قتل ٿيڻ
(2.بادشاهَہ 25‏:25‏-26)
1 # 2.با 25‏:25 پر انهيءَ سال جي ستين مهيني ۾ اسماعيل ولد نتنياہ ولد اليسمع جيڪو شاهي نسل جو هو ۽ بادشاهہ جي عملدارن مان هڪڙو هو، سو ڏهن ماڻهن سميت جِدلياہ ولد اخيقام وٽ مصفاہ شهر ۾ آيو. جِدلياہ جي دعوت تي جڏهن اهي سڀ ساڻس گڏ ماني کائي رهيا هئا، 2تڏهن اسماعيل پنهنجي ڏهن ئي ساٿين سميت اُٿي جِدلياہ کي تلوار جا وار ڪري ماري ڇڏيو، ڇاڪاڻ تہ اهو بابل جي بادشاهہ طرفان مٿن گورنر مقرر ڪيو ويو هو. 3پوءِ اسماعيل ۽ سندس ساٿين اتي موجود بابلي سپاهين توڙي انهن سڀني يهوداہ وارن کي بہ قتل ڪري ڇڏيو، جيڪي جِدلياہ سان مصفاہ شهر ۾ رهڻ لڳا هئا.
4جِدلياہ جي قتل ٿي وڃڻ کان هڪ ڏينهن پوءِ جڏهن اڃا ڪنهن کي انهيءَ ڳالهہ جي خبر ئي نہ هئي، 5تڏهن سڪم، سيلا ۽ سامريہ شهرن مان اسي ڄڻن جو هڪڙو ٽولو يروشلم وڃڻ لاءِ مصفاہ شهر وٽان لنگھي رهيو هو. هنن ڏک وچان پنهنجيون ڏاڙهيون ڪوڙي ڇڏيون هيون، ڪپڙا ڦاڙي ڇڏيا هئا ۽ پاڻ کي زخم رسايا هئائون. هنن خداوند جي هيڪل ۾ نذر ڪرڻ لاءِ اناج جون قربانيون ۽ لوبان پاڻ سان کنيا هئا. 6انهيءَ وقت اسماعيل هنن سان ملڻ لاءِ مصفاہ شهر مان نڪري آيو ۽ هو بہ ڏک جو اظهار ڪندي سڄي واٽ رئندو آيو. جڏهن هو ساڻن مليو تڏهن کين چيائين تہ ”مون سان گڏ هلي گورنر جِدلياہ ولد اخيقام سان ملو.“ 7پوءِ جيئن ئي اهي شهر جي وچ ۾ اچي پهتا تہ اسماعيل ۽ سندس ساٿين انهن کي قتل ڪري هڪڙي کوهہ ۾ اڇلائي ڇڏيو. 8پر کين مارڻ وقت انهن مان ڏهن ڄڻن اسماعيل کي منٿون ڪيون تہ ”اسان کي نہ مار! اسان وٽ ڪڻڪ، جَوَ، زيتون جي تيل ۽ ماکي جو ذخيرو آهي جيڪي هڪ ٻنيءَ ۾ لڪائي رکيا اٿئون.“ تڏهن هن انهن ڏهن ئي ڄڻن کي ڇڏي ڏنو ۽ کين قتل نہ ڪيائين. 9اهو کوهہ جنهن ۾ اسماعيل انهن سڀني ماڻهن جا لاش اڇلايا هئا سو ساڳيو وڏو کوهہ هو جيڪو يهوداہ جي بادشاهہ آسا اسرائيل جي بادشاهہ بعشا جي گھيري جي ڊپ کان کوٽرايو هو. اسماعيل ولد نتنياہ ان کي لاشن سان ڀري ڇڏيو. 10تڏهن اتي جيڪي ماڻهو باقي بچيا هئا تن سڀني کي اسماعيل قيد ڪري مصفاہ مان وٺي ويو. قيد ٿي وڃڻ وارن ۾ يهوداہ جي بادشاهہ صدقياہ جون ڌيئر ۽ اتي رهندڙ اهي سڀ ماڻهو شامل هئا، جن مٿان محافظن جي سالار نبوزرادان جِدلياہ ولد اخيقام کي گورنر مقرر ڪيو هو. اسماعيل انهن کي وٺي بني عمون جي علائقي ڏانهن روانو ٿيو.
11هيڏانهن جڏهن يوحنان ولد قريح ۽ ساڻس گڏ لشڪر جي وڏن سالارن اسماعيل ولد نتنياہ جي ڪيل انهيءَ سڄي شرارت بابت ٻڌو، 12تڏهن هو پنهنجا سمورا ماڻهو ساڻ ڪري اسماعيل سان وڙهڻ لاءِ نڪتا. هو جِبعون واري پهاڙي کوهہ وٽ اچي کيس پهتا. 13اسماعيل جن ماڻهن کي قيد ڪري وٺي وڃي رهيو هو، تن سڀني جڏهن يوحنان ولد قريح ۽ ساڻس گڏ لشڪر جي سالارن کي ڏٺو، تڏهن هو ڏاڍا خوش ٿيا. 14پوءِ هو اسماعيل وٽان ڀڄي يوحنان ولد قريح سان اچي مليا. 15جڏهن تہ اسماعيل پاڻ بہ پنهنجي اٺن ساٿين سميت يوحنان وٽان کسڪي نڪتو ۽ بني عمون جي علائقي ڏانهن ڀڄي ويو.
مصر ڏانهن ڀاڄ
16پوءِ يوحنان ولد قريح ۽ ساڻس گڏ لشڪر جا سالار انهن ماڻهن کي ساڻ ڪري هليا، جن کي گورنر جِدلياہ جي قتل ڪرڻ کان پوءِ اسماعيل مصفاہ مان قيد ڪري وٺي ٿي ويو، يعني اهي جنگي جوڌا، عورتون، ٻار ۽ درٻاري عملدار. 17‏-18جيئن تہ يوحنان ۽ سندس لشڪر وارا بابلين کان ڊنا ٿي، ڇاڪاڻ تہ اسماعيل جِدلياہ ولد اخيقام کي قتل ڪيو هو، جنهن کي بابل جي بادشاهہ انهيءَ ملڪ تي گورنر مقرر ڪيو هو، سو هو بابلين کان بچڻ لاءِ ماڻهن کي وٺي مصر ڏانهن روانا ٿيا. واٽ تي اهي بيت‌لحم جي ويجھو گيروت‌ڪمهام ۾ ترسيا.

S'ha seleccionat:

يرمياہ 41: SB

Subratllat

Copia

Compara

Comparteix

None

Vols que els teus subratllats es desin a tots els teus dispositius? Registra't o inicia sessió