Logo de l'Aplicació de la Bíblia
Icona de cerca

دانيال ‮تعارف‬

تعارف
”دانيال“ نالي هي مقدس ڪتاب انهيءَ عرصي دوران لکيو ويو، جڏهن يهودي خدا کي نہ مڃيندڙ هڪڙي بادشاهہ جي ظلم وَ ستم جي چڪيءَ ۾ پيسجي رهيا هئا. ڪتاب جو ليکڪ رويائن ۽ واقعن جون ڳالهيون ٻڌائيندي پنهنجي يهودي قوم وارن کي انهيءَ اميد بابت همتائيندو رهي ٿو تہ خدا نيٺ ظالم کي ختم ڪندو ۽ پنهنجي ماڻهن جي حاڪميت بحال ڪندو.
هن ڪتاب جا ٻہ مکيہ حصا آهن. پهرئين حصي ۾ حضرت دانيال ۽ سندس ڪن ساٿين جون ڳالهيون لکيل آهن، جيڪي جلاوطن ڪيا ويا هئا. خدا تي پنهنجي مڪمل ڀروسي ۽ فرمانبرداريءَ جي ڪري دشمنن جي سازشن کان بچي ڪري انهن شاندار ڪاميابي حاصل ڪئي. هي ڳالهيون انهيءَ وقت ٿيون جڏهن بابل جي شهنشاهت ۽ پوءِ فارس جي شهنشاهت هئي.
ٻئي حصي ۾ انهن رويائن جو ذڪر آهي، جيڪي حضرت دانيال ڏٺيون ۽ جن ۾ بني اسرائيل قوم جي ڪاميابين ۽ گھڻين ئي شهنشاهتن جي پڄاڻين جون نشانيون آهن، جن جي شروعات بابل کان ٿي. انهن رويائن ۾ خدا کي نہ مڃيندڙن جي خاتمي ۽ بني اسرائيل قوم جي سوڀ جو ذڪر پڻ آهي.
سِٽاءُ
دانيال نبي ۽ سندس ساٿي 1‏:1‏–6‏:28
دانيال نبيءَ جون رويائون 7‏:1‏–11‏:45
1. چار جانور 7‏:1‏-28
2. گھٽو ۽ ٻڪر 8‏:1‏–9‏:27
3. خدا جو پيغام آڻيندڙ فرشتو 10‏:1‏–11‏:45
پڄاڻيءَ جو وقت 12‏:1‏-13

Subratllat

Copia

Compara

Comparteix

None

Vols que els teus subratllats es desin a tots els teus dispositius? Registra't o inicia sessió