Logo de l'Aplicació de la Bíblia
Icona de cerca

دانيال 1

1
دانيال نبيءَ ۽ سندس ساٿين جا واقعا
(1‏:1‏–6‏:28)
دانيال ۽ سندس ساٿي بابل شهر ۾
1 # 2.با 24‏:1، 2.توا 36‏:5‏-7 يهوداہ جي بادشاهہ يهويقيم جي بادشاهيءَ جي ٽئين سال، بابل جو بادشاهہ نبوڪدنضر سندس شاهي شهر يروشلم تي چڙهائي ڪري آيو ۽ انهيءَ کي اچي گھيرو ڪيائين. 2#2.با 20‏:17‏-18، 24‏:10‏-16، 2.توا 36‏:10، يس 39‏:7‏-8 پروردگار بادشاهہ يهويقيم کي نبوڪدنضر جي هٿان گرفتار ڪرايو ۽ انهيءَ سان گڏ پنهنجي هيڪل جا چونڊ ٿانوَ بہ هن جي هٿ ۾ ڏيئي ڇڏيائين. نبوڪدنضر اهي ساڻ کڻي بابل ملڪ ۾ پنهنجي معبود جي بت‌خاني ۾ آيو، جتي هن اهي ٿانوَ بت‌خاني جي خزاني ۾ رکي ڇڏيا.
3پوءِ بادشاهہ پنهنجي محل جي داروغي اسپنز کي حڪم ڏنو تہ ”پڪڙي آندل بني اسرائيل منجھان سندن شاهي نسل ۽ اميرن جا ڪي نوجوان وڃي چونڊي ڪڍ. 4اهي نوجوان اهڙا هجن، جن ۾ ڪوبہ عيب نہ هجي، بلڪ اهي خوبصورت، هر قسم جي ڏاهپ ۾ هوشيار، علم ۾ قابل ۽ حڪمت سمجھندا هجن، يعني انهن ۾ اهڙي لياقت هجي جو کين شاهي محل ۾ خدمت لاءِ مقرر ڪجي. پوءِ تون انهن کي #1‏:4 بابل جي رملين اصلي مسودي يعني عبرانيءَ ۾ هتي لفظ ”ڪلدي“ لکيل آهي، جيڪو اڪثر ڪري بابلين جي ٻئي نالي طور استعمال ڪيو ويندو هو. پر دانيال جي ڪتاب ۾ اهو انهن عالمن ۽ بادشاهہ جي صلاحڪارن لاءِ استعمال ڪيو وڃي ٿو، جيڪي جادوگريءَ ۽ رمل ۾ ماهر سمجھيا ويندا هئا.بابل جي رملين جي ٻولي لکڻ پڙهڻ سيکار.“ 5تڏهن بادشاهہ انهن جي لاءِ شاهي خوراڪ ۽ شاهي مئي مان روزانو لاءِ حصو مقرر ڪيو. انهن کي ٽن سالن تائين تربيت حاصل ڪرڻي هئي، تنهن کان پوءِ کين بادشاهہ جي خدمت ڪرڻي هئي.
6انهن چونڊي ڪڍيلن ۾ بني يهوداہ قبيلي جا دانيال، حنانياہ، ميساايل ۽ عزرياہ پڻ شامل هئا. 7محل جي داروغي انهن جا نالا بدلائي نوان نالا رکيا. دانيال جو بيلطشضر، حنانياہ جو سدرڪ، ميساايل جو ميسڪ ۽ عزرياہ جو عبدنجو نالو رکيائين.
8دانيال پنهنجيءَ دل ۾ اهو پڪو ارادو ڪيو تہ هو شاهي خوراڪ کائڻ سان ۽ شاهي مئي پيئڻ سان پاڻ کي پليت نہ ڪندو. تنهنڪري هن محل جي داروغي کي عرض ڪيو تہ کيس اجازت ڏني وڃي تہ هو پاڻ کي اهڙي ناپاڪيءَ کان بچائي رکي. 9خدا محل جي داروغي جي دل ۾ دانيال لاءِ رحم ۽ همدردي وجھي ڇڏي. 10تنهن هوندي بہ محل جي داروغي دانيال کي چيو تہ ”منهنجي آقا بادشاهہ اوهان جي لاءِ اهو کاڌو پيتو مقرر ڪري ڇڏيو آهي. سو آءٌ ڊڄان ٿو تہ جيڪڏهن هو تو کي تنهنجي هم‌عمر جوانن کان لٿل ڏسندو تہ تنهنجي ڪري منهنجي سسي لهرائي ڇڏيندو.“ 11تڏهن محل جي داروغي جنهن ناظر کي دانيال، حنانياہ، ميساايل ۽ عزرياہ تي مقرر ڪيو هو، تنهن کي دانيال چيو تہ 12”آءٌ توهان کي عرض ٿو ڪريان تہ ڏهن ڏينهن تائين اسان پنهنجي خادمن کي کائڻ لاءِ سادو کاڌو ۽ پيئڻ لاءِ رڳو پاڻي ڏيئي آزمائي ڏسو. 13پوءِ توهان اسان جون شڪليون انهن نوجوانن جي شڪلين سان ڀيٽي ڏسجو جيڪي شاهي طعام ٿا کائين، تنهن بعد جيئن توهان مناسب سمجھو تيئن پنهنجي ٻانهن سان سلوڪ ڪجو.“ 14تڏهن هن سندن اها ڳالهہ مڃي ۽ ڏهن ڏينهن تائين کين آزمايائين. 15انهن ڏهن ڏينهن گذرڻ کان پوءِ هنن جون شڪليون وڌيڪ رونقدار ۽ سندن بدن وڌيڪ صحتمند ڏسڻ ۾ آيا، بنسبت انهن نوجوانن جي جن شاهي طعام پئي کاڌا. 16تڏهن ان ناظر اها شاهي خوراڪ ۽ مئي جيڪا سندن کائڻ پيئڻ لاءِ مقرر هئي، سا اڳتي لاءِ بہ بند ڪري ڇڏي ۽ کين رڳو سادو کاڌو ڏيڻ لڳو.
17هاڻ خدا انهن چئني نوجوانن کي هر قسم جي علم وَ ادب ۾ مهارت ۽ ڏاهپ عطا ڪئي. هن دانيال کي سڀني رويائن ۽ خوابن جي سمجھہ پڻ عطا ڪئي. 18جڏهن بادشاهہ نبوڪدنضر جي حڪم مطابق انهن سڀني چونڊيل نوجوانن جي تربيت جو وقت اچي پورو ٿيو، تڏهن محل جي داروغي کين بادشاهہ جي حضور ۾ آڻي حاضر ڪيو. 19بادشاهہ جڏهن انهن نوجوانن سان گفتگو ڪيو تہ سڀني مان دانيال، حنانياہ، ميساايل ۽ عزرياہ جهڙو کيس ٻيو ڪوبہ ڏسڻ ۾ ڪونہ آيو. تنهنڪري اهي بادشاهہ جي درٻار ۾ حاضر رهڻ لاءِ مقرر ٿيا. 20ڏاهپ ۽ دانائيءَ جي جيڪا بہ ڳالهہ بادشاهہ هنن کان پڇي، تنهن ۾ هن انهن کي پنهنجي پوري بادشاهت جي سڀني جادوگرن ۽ نجومين کان ڏهہ ڀيرا وڌيڪ بهتر لڌو. 21ان طرح دانيال نبوڪدنضر جي شاهي درٻار ۾ ايستائين رهيو، جيستائين ان ملڪ بابل تي فارس ملڪ جي شهنشاهہ خورس فتح حاصل نہ ڪئي.

S'ha seleccionat:

دانيال 1: SB

Subratllat

Copia

Compara

Comparteix

None

Vols que els teus subratllats es desin a tots els teus dispositius? Registra't o inicia sessió