چيو تہ
”شل خدا جو نالو ازل کان وٺي ابد تائين سڳورو هجي،
ڇاڪاڻ تہ اهو ئي حڪمت ۽ قدرت وارو آهي.
هو ئي وقتن کي ڦيري ڇڏي ٿو ۽ زمانا تبديل ٿو ڪري،
هو ئي بادشاهن کي قائم ٿو ڪري ۽ کين معزول پڻ ڪري ٿو،
هو ئي ڏاهن کي ڏاهپ ۽ عقلمندن کي ڄاڻ عطا ڪري ٿو.
جيڪي ڳالهيون اونهيون ۽ ڳجھيون آهن،
تن کي هو ئي ظاهر ڪري ٿو.
جيڪي ڪجھہ بہ اوندهہ ۾ آهي تنهن کي هو ڄاڻي ٿو،
ڇوجو وٽس ئي سوجھرو آهي.