Chapa ya Youversion
Ikoni ya Utafutaji

رومين 11

11
بني اسرائيل تي خدا جي رحمت
1 # فل ۵‏:۳ تڏھن آءٌ پڇان ٿو تہ ڇا خدا پنھنجيءَ قوم کي رد ڪيو؟ نہ، بلڪل نہ. آءٌ پاڻ بہ تہ بني اسرائيل مان آھيان ۽ ابراھيم جي اولاد بنيامين جي قبيلي مان آھيان. 2خدا پنھنجي انھيءَ قوم کي رد ڪونہ ڪيو، جنھن کي اڳي ئي چونڊيو ھئائين. اوھين پاڻ پاڪ ڪتاب جي انھيءَ لکت بابت ڄاڻو ٿا، جنھن ۾ الياس بني اسرائيل جي خلاف خدا وٽ فرياد ٿو ڪري. 3#۱.با ۱۰‏:۱۹‏،۱۴ الياس چوي ٿو تہ ”اي خداوند! ھنن تنھنجي نبين کي ماريو آھي ۽ تنھنجين قربان⁠گاھن کي برباد ڪري ڇڏيو اٿئون، باقي آءٌ اڪيلو ئي وڃي بچيو آھيان ۽ منھنجي پٺيان بہ ھٿ ڌوئي ڪڍ لڳا آھن.“ 4#۱.با ۱۸‏:۱۹ پر خدا کيس ڪھڙو جواب ڏنو؟ ھن جواب ڏنو تہ ”مون پنھنجي لاءِ ست ھزار ماڻھو بچائي ڇڏيا آھن، جن بعل بت جي اڳيان سجدو نہ ڪيو آھي.“ 5ھاڻي بہ اھڙيءَ طرح ڪي ٿورا ماڻھو وڃي بچيا آھن جن کي خدا پنھنجي فضل سان چونڊيو آھي. 6خدا جي چونڊ سندس فضل موجب ڪيل آھي، نہ ڪنھن ماڻھوءَ جي عملن موجب. ڇالاءِ⁠جو جيڪڏھن خدا جي چونڊ ڪنھن ماڻھوءَ جي عملن موجب ھجي ھا تہ پوءِ خدا جو فضل سچو فضل نہ ليکجي ھا.
7انھيءَ مان ڪھڙو نتيجو نڪتو؟ اھو تہ بني اسرائيل جنھن شيءِ جي ڳولا ۾ ھئا، سا کين نہ ملي. پر اھا خدا جي چونڊيلن کي ملي ويئي ۽ باقي ٻيا سخت⁠دل ڪيا ويا. 8#شر ۴‏:۲۹، يس ۱۰‏:۲۹ جيئن لکيل آھي تہ
”خدا انھن جي دل ۽ عقل تي تالو لڳائي ڇڏيو،
۽ اڄ ڏينھن تائين اھي اکين سان ڏسي
۽ ڪنن سان ٻڌي نہ ٿا سگھن.“ 9#زب ۲۲‏:۶۹‎–۲۳ دائود بہ چوي ٿو تہ
”شل اھي پنھنجي عيد وارن ڏينھن تي
ڦاسجن ۽ پڪڙجن،
يعني اھي ٿاٻو کائي ڪري پون
۽ کين سزا ملي.
10شل انھن جون اکيون انڌيون ٿين،
تہ جيئن ھو ڏسي نہ سگھن،
۽ سندن پٺيون تڪليفن سان ھميشہ لاءِ جھڪي پون.“
11پوءِ آءٌ پڇان ٿو تہ جڏھن يھودين ٿاٻو کاڌو تہ ڇا اھي برباد ٿي ويا؟ نہ، بلڪل نہ. پر انھن جي ڏوھہ ڪرڻ ڪري غير قومن کي ڇوٽڪارو ملي ويو، تہ جيئن يھودي انھن تي ساڙ کائين. 12يھودين جو ڏوھہ دنيا جي لاءِ فائدي وارو ٿئي ٿو ۽ سندن نقصان غيرقومن لاءِ فائديمند ٿئي ٿو. پر جڏھن سڀ يھودي فرمانبردار ٿيندا تہ خدا جي ڪيڏي نہ وڏي رحمت ٿيندي.
غير قومن لاءِ ڇوٽڪارو
13اي غير قومن وارؤ! ھاڻي آءٌ اوھان سان ڳالھائي رھيو آھيان، ڇالاءِ⁠جو آءٌ غير قومن ڏانھن رسول ڪري موڪليو ويو آھيان ۽ آءٌ پنھنجي ھن ڪم ۾ فخر محسوس ٿو ڪريان، 14انھيءَ لاءِ تہ شايد آءٌ پنھنجي قوم وارن کي غيرت ڏياريان ۽ اھڙيءَ طرح انھن مان ڪن کي ڇوٽڪارو ملي. 15پر جيڪڏھن انھن کي ڪڍي ڇڏڻ ڪري دنيا جو خدا سان ميلاپ ٿئي ٿو تہ پوءِ انھن کي خدا جي وري قبول ڪرڻ سان ڇا ٿيندو؟ اھو مئلن لاءِ زندگيءَ جي برابر ٿيندو.
16جيڪڏھن خدا کي ڏنل نذراني جو پھريون چاڻو پاڪ آھي تہ سڄو ڳوھيل اٽو بہ پاڪ آھي ۽ جيڪڏھن ڪنھن وڻ جي پاڙ پاڪ آھي تہ سندس ٽاريون بہ پاڪ آھن. 17پوکيل زيتون جون ڪي ٽاريون ڀڄي پيون ۽ اوھين غير قوم ھڪ جھنگلي زيتون جي ٽارين وانگر ساڻس پيوند ڪيا ويا، ھاڻي اوھين ان ساڳئي پوکيل زيتون جي پاڙ مان سڻڀي رس حاصل ڪريو ٿا. 18تہ پوءِ اوھين پاڻ کي انھن ٽارين کان وڌيڪ نہ سمجھو جيڪي ڀڄي پيون آھن. اوھين پاڻ کي ڪيئن وڌيڪ سمجھندا؟ اوھين تہ رڳو ٽاريون آھيو. اوھين پاڙ جي پرورش نہ ٿا ڪريو پر پاڙ اوھان جي پرورش ڪري ٿي.
19شايد اوھين چوندا تہ ”ٽاريون انھيءَ لاءِ ڀڳيون تہ جيئن اسين پيوند ٿيون.“ 20ھائو، اھو صحيح آھي. پر اھي انھيءَ ڪري ڀڳيون ويون، ڇاڪاڻ⁠تہ انھن ايمان نہ آندو ۽ اوھين انھيءَ جاءِ تي بيٺا آھيو، ڇالاءِ⁠جو اوھان ايمان آندو آھي. سو اوھان کي انھيءَ تي فخر نہ، بلڪ خوف ڪرڻ گھرجي. 21ڇالاءِ⁠جو خدا يھودين کي بہ نہ ڇڏيو، جيڪي اصلي ٽارين وانگر ھئا، تہ پوءِ ھو اوھان کي ڪيئن ڇڏيندو؟ 22ڏسو، خدا ڪيڏو نہ مھربان ۽ سخت آھي. ھو انھن تي سخت آھي جيڪي گمراھہ ٿيا. پر اوھان تي ايستائين مھربان آھي جيستائين اوھين سندس مھربانيءَ تي قائم رھندا. پر جيڪڏھن اوھين قائم نہ رھندا تہ اوھين بہ ڀڳل ٽارين وانگر ٿيندا. 23يھودي بہ جيڪڏھن وري ايمان آڻيندا تہ انھن کي بہ پيوند ڪيو ويندو، ڇالاءِ⁠جو خدا انھن کي وري پيوند ڪرڻ جي طاقت رکي ٿو. 24اوھين غير قومون انھيءَ جھنگلي وڻ جي ڀڳل ٽارين وانگر آھيو، جيڪي پوکيل زيتون سان غير طبعي طور پيوند ڪيون ويون آھن. يھودي پوکيل زيتون جي وڻ وانگر آھن، تہ پوءِ ھو ڪيترو نہ آسانيءَ سان پنھنجي اصلي زيتون جي وڻ سان پيوند ٿي سگھندا جنھن جون ھو ٽاريون آھن.
سڀني تي خدا جي رحمت
25اي منھنجا ڀائرو ۽ ڀينرون! ھڪ ڳجھو راز آھي. آءٌ سمجھان ٿو تہ اھو اوھان کي ڄاڻڻ گھرجي، شايد اھو اوھان کي فخر ڪرڻ کان بچائي. اھو راز ھيئن آھي تہ بني اسرائيل ۾ ڪجھہ سنگدلي پيدا ٿي آھي. پر اھا رڳو ايستائين رھندي جيستائين سڀ غير قومون خدا ڏانھن ڦري پون. 26#يس ۲۰‏:۵۹ اھڙيءَ طرح سڀ بني اسرائيل ڇوٽڪارو حاصل ڪندا، جيئن لکيل آھي تہ
#صيئون: ھتي انھيءَ مان مراد بني اسرائيل قوم آھي.صيئون مان ڇوٽڪارو ڏيندڙ ايندو.
ھو يعقوب جي اولاد مان
سندن بڇڙاين کي پري ڪندو.
27 # ير ۳۳‏:۳۱‎–۳۴ جڏھن آءٌ ھنن جا گناھہ ميٽي ڇڏيندس،
تڏھن ساڻن منھنجو اھو ھڪڙو عھد ٿيندو.“
28خوشخبريءَ جي تبليغ تي يھودي خدا جا دشمن ٿيا ۽ اھو اوھان لاءِ فائدي وارو ٿيو. پر خدا جا چونڊيل ھئڻ سبب ۽ پنھنجن بزرگن جي ڪري اھي خدا جا پيارا آھن. 29ڇالاءِ⁠جو خدا جون بخششون ۽ سندس ڪيل چونڊ تبديل ٿيندڙ نہ آھي. 30اھو انھيءَ ڪري جو جھڙيءَ طرح اوھين گذريل وقت ۾ خدا جي نافرماني ڪندا ھئا، پر ھاڻي يھودين جي نافرمانيءَ سبب اوھان تي خدا جي رحمت ٿي. 31سو تھڙيءَ طرح ھاڻي ھو بہ نافرمان ٿيا آھن، تہ جيئن اوھان تي رحم ٿيو تيئن ھو بہ رحم حاصل ڪن. 32ڇالاءِ⁠جو خدا سڀني انسانن کي نافرمانيءَ واري ڦندي ۾ ڦاسڻ ڏنو، تہ جيئن ھو سڀني تي رحم ڪري.
خدا جي واکاڻ
33 # يس ۸‏:۵۵ خدا جي نعمت ڪيڏي نہ وڏي آھي! سندس ڏاھپ ۽ علم ڪيڏو نہ اونھو آھي! سندس فيصلا ڪيڏا نہ سمجھہ کان ٻاھر آھن ۽ سندس رستن جو پتو ئي پئجي نہ ٿو سگھي! 34#يس ۱۳‏:۴۰ جيئن لکيل آھي تہ
”خداوند جي ارادي جي ڪنھن کي خبر آھي؟
ڪير سندس صلاحڪار ٿي سگھي ٿو؟
35 # ايو ۱۱‏:۴۱ ڇا ڪنھن کيس اڳ ۾ ڪا شيءِ ڏني آھي،
جو بدلي ۾ ھو کيس ڪجھہ ڏئي؟“
36 # ۱.ڪر ۶‏:۸ ڇالاءِ⁠جو سڀيئي شيون خدا جون ئي پيدا ڪيل آھن، انھيءَ جي ڪري ئي وجود ۾ آھن ۽ انھيءَ جي لاءِ ئي آھن. شل خدا جي ھميشہ واکاڻ ھجي. آمين.

Iliyochaguliwa sasa

رومين 11: SCLNT

Kuonyesha

Shirikisha

Nakili

None

Je, ungependa vivutio vyako vihifadhiwe kwenye vifaa vyako vyote? Jisajili au ingia