Chapa ya Youversion
Ikoni ya Utafutaji

گلتين 15:2-16

گلتين 15:2-16 SCLNT

حقيقت ۾ اسين ڄائي ڄم کان يھودي آھيون ۽ غير قومون نہ آھيون، جن کي گنھگار چون ٿا. تنھن ھوندي بہ اسان کي خبر آھي تہ ڪوبہ ماڻھو شريعت تي عمل ڪرڻ سان نہ، پر رڳو عيسيٰ مسيح تي ايمان آڻڻ سان سچار بڻجي ٿو. تنھنڪري اسان بہ عيسيٰ مسيح تي ايمان آندو تہ جيئن شريعت تي عمل ڪرڻ سبب نہ، پر مسيح تي ايمان آڻڻ سبب سچار بڻجون. ڇالاءِ⁠جو شريعت جي ڪمن سبب ڪوبہ انسان سچار نہ بڻبو.