Chapa ya Youversion
Ikoni ya Utafutaji

2.ڪرنٿين 3

3
نئين عھد جا خدمتگار
1اسين وري پنھنجي ساراھہ پاڻ ٿا ڪريون ڇا؟ يا اسان کي ڪن ماڻھن وانگر سفارشي خط اوھان وٽ آڻڻ يا وٺي وڃڻ جي ضرورت آھي ڇا؟ 2نہ، اسان جو خط تہ اوھين ئي آھيو، جيڪو اسان جي دلين تي لکيل آھي ۽ ان کي سڀ ماڻھو پڙھي ۽ سمجھي سگھن ٿا. 3#خر ۱۲‏:۲۴، ير ۳۳‏:۳۱، حز ۱۹‏:۱۱، ۲۶‏:۳۶ اھا ڳالھہ ظاھر آھي تہ اوھين مسيح جو لکيل خط آھيو، جيڪو اسان جي خدمت جي وسيلي موڪليو ويو آھي. اھو خط مس سان نہ پر زندہ خدا جي روح سان، پٿر جي سليٽن تي نہ پر ماڻھن جي دلين تي لکيل آھي.
4اسين مسيح جي وسيلي خدا تي اھڙو ئي يقين رکڻ جي دعويٰ ڪري سگھون ٿا. 5ائين نہ آھي تہ اسين پنھنجو پاڻ انھيءَ لائق آھيون جو ڪنھن ڪم جي دعويٰ ڪري سگھون، پر اسان جي لياقت خدا جي طرفان آھي. 6#ير ۳۱‏:۳۱ اھو ئي آھي، جنھن اسان کي نئين عھد جي خادم ھئڻ جي لائق ڪيو. اھو عھد اکرن جو نہ پر پاڪ روح جو آھي، ڇالاءِ⁠جو اکر مارين ٿا پر روح جياري ٿو.
نئين عھد جو جلوو
7 # خر ۲۹‏:۳۴ ھاڻي موت وارو اھو عھد جيڪو پٿرن تي اُڪريل ھو، سو اھڙي تہ جلوي وارو ٿيو جو بني اسرائيل موسيٰ جي چمڪندڙ منھن ڏانھن غور سان نھاري نہ ٿي سگھيا، جيتوڻيڪ اھو جلوو جھڪو ٿيندو ٿي ويو. 8جيڪڏھن اھو موت وارو عھد ايترو جلوي وارو ھو، تہ پوءِ پاڪ روح جو عھد ڪيترو نہ وڌيڪ جلوي وارو ھوندو! 9جيڪڏھن اھو عھد جيڪو ڏوھاري ٿو بڻائي سو ايڏي جلوي وارو آھي، تہ پوءِ جنھن عھد جي ڪري ماڻھو سچار ٿو بڻجي سو تہ ضرور انھيءَ کان بہ وڌيڪ جلوي وارو ھوندو. 10ڇالاءِ⁠جو حقيقت ڪري جيڪو اڳ جلوي وارو ھو، سو ھن ٻئي تمام وڌيڪ جلوي واري جي ڀيٽ ۾ ڄڻ تہ بي⁠جلوي ٿي پيو. 11سو جيڪڏھن اھا فنا ٿيندڙ شيءِ جلوي واري ھئي تہ ھي بقا واري شيءِ ڪيترو نہ وڌيڪ جلوي واري ھوندي!
12تنھنڪري اسين اھڙي اميد جي ڪري وڏي دليريءَ سان ڳالھايون ٿا. 13#خر ۳۳‏:۳۴ اسين موسيٰ وانگر نہ آھيون، جنھن پنھنجي منھن تي پردو وڌو تہ متان بني اسرائيل جلوي کي گھٽجندي ۽ فنا ٿيندي ڏسن. 14پر ھنن جون دليون موڳيون ٿي ويون، ڇوتہ اڄ ڏينھن تائين پراڻي عھدنامي جي پڙھڻ وقت اھو ساڳيو پردو رھي ٿو. اھو پردو انھن تان ايستائين نہ ٿو کڄي، جيستائين اھي مسيح سان گڏجي ھڪ ٿي نہ ٿا وڃن. 15پر اڄ ڏينھن تائين بہ جڏھن ھو موسيٰ جو ڪتاب پڙھن ٿا، تڏھن سندن دلين تي پردو پيل رھي ٿو. 16#خر ۳۴‏:۳۴ مگر جڏھن بہ ڪنھن جي دل خداوند ڏانھن ڦري ايندي تڏھن اھو پردو کڄي ويندو. 17ھاڻي، اھو خداوند پاڪ روح آھي ۽ جتي خداوند جو اھو روح آھي اتي آزادي آھي. 18پر اسان جي چھرن تي پردو پيل نہ آھي، تنھنڪري اسين سڀيئي خداوند جي جلال کي آئيني وانگر ڏسندي ڏسندي سندس جلالي صورت ۾ تبديل ٿيندا ٿا وڃون. اھو ڪم خداوند جو آھي جيڪو پاڪ روح آھي.

Iliyochaguliwa sasa

2.ڪرنٿين 3: SCLNT

Kuonyesha

Shirikisha

Nakili

None

Je, ungependa vivutio vyako vihifadhiwe kwenye vifaa vyako vyote? Jisajili au ingia