1.ڪرنٿين 1:8-2
1.ڪرنٿين 1:8-2 SCLNT
جيڪو کاڌو بتن جي اڳيان نذر ڪجي ٿو، تنھن بابت اسين سمجھون ٿا تہ ”اسان سڀني کي علم آھي.“ اھو علم تہ انسان کي مغرور ڪري ٿو، پر محبت ترقي عطا ڪري ٿي. جيڪڏھن ڪو ماڻھو سمجھي ٿو تہ ”آءٌ ڪجھہ ڄاڻان ٿو،“ تہ ھو اڃا ايترو نہ ٿو ڄاڻي جيترو کيس ڄاڻڻ گھرجي.


