1
رومين 2:12
Common Language New Testament
SCLNT
ھن جھان جو نمونو اختيار نہ ڪريو، بلڪ خدا جي ڏنل نئين سمجھہ وسيلي بدلجي وڃو. پوءِ اوھين سمجھي سگھندا تہ خدا جي چڱي، پسنديدہ ۽ ڪامل مرضي ڪھڙي آھي.
Linganisha
Chunguza رومين 12:2
2
رومين 1:12
تنھنڪري اي منھنجا ڀائرو ۽ ڀينرون! جيئن تہ خدا جي اسان تي وڏي رحمت آھي، سو آءٌ اوھان کي منٿ ٿو ڪريان تہ اوھين پنھنجي سڄي بدن کي اھڙي قرباني ٿيڻ لاءِ نذر ڪريو، جيڪا زندہ، پاڪ ۽ خدا کي پسند ھجي. اھو ئي عبادت جو صحيح طريقو آھي جيڪو اوھان کي ڪرڻ گھرجي.
Chunguza رومين 12:1
3
رومين 12:12
اميد ۾ خوش رھو، مصيبت ۾ صبر ڪريو ۽ دعا گھرڻ ۾ ھميشہ مشغول رھو.
Chunguza رومين 12:12
4
رومين 21:12
اوھين بڇڙائيءَ کان شڪست نہ کائو، بلڪ نيڪيءَ جي وسيلي بڇڙائيءَ تي فتح حاصل ڪريو.
Chunguza رومين 12:21
5
رومين 10:12
ھڪ ٻئي سان ڀائرن ۽ ڀينرن وانگر گھڻو پيار ڪريو ۽ ٻئي کي پاڻ کان وڌيڪ عزت ڏيو.
Chunguza رومين 12:10
6
رومين 9:12
پيار ۾ رياڪاري نہ ھئڻ گھرجي. بڇڙائيءَ کان نفرت ڪريو ۽ نيڪيءَ سان دل لڳايو.
Chunguza رومين 12:9
7
رومين 18:12
جيڪڏھن ٿي سگھي تہ اوھين پنھنجي وس آھر سڀني ماڻھن سان صلح ۾ رھو.
Chunguza رومين 12:18
8
رومين 19:12
اي منھنجا پيارا دوستو! پاڻ ڪڏھن بہ بدلو نہ وٺو، پر اھو خدا جي غضب تي ڇڏي ڏيو. ڇالاءِجو پاڪ لکتن ۾ خداوند فرمائي ٿو تہ ”وير وٺڻ منھنجو ڪم آھي ۽ آءٌ ئي سزا ڏيندس.“
Chunguza رومين 12:19
9
رومين 11:12
محنت ۾ سستي نہ ڪريو ۽ روحاني جذبي سان خداوند جي خدمت ڪندا رھو.
Chunguza رومين 12:11
10
رومين 3:12
آءٌ انھيءَ فضل جي ڪري جو مون کي مليو آھي، اوھان مان ھر ھڪ کي چوان ٿو تہ پنھنجو پاڻ کي وت کان وڌيڪ وڏو نہ سمجھو، بلڪ حليمائيءَ سان پاڻ کي اوترو وڌيڪ سمجھو جيترو خدا اوھان کي ايمان بخشيو آھي.
Chunguza رومين 12:3
11
رومين 17:12
جيڪو اوھان سان بڇڙائي ڪري تنھن سان بڇڙائي نہ ڪريو. اھڙي ڪم ڪرڻ جي ڪوشش ڪريو جنھن کي سڀ چڱو چون.
Chunguza رومين 12:17
12
رومين 16:12
پاڻ ۾ ايڪو ڪريو. اوھين مغرور نہ ٿيو، بلڪ غريبن سان دوستي رکو. پنھنجو پاڻ کي داناءُ نہ سمجھو.
Chunguza رومين 12:16
13
رومين 20:12
اھو بہ لکيل آھي تہ ”جيڪڏھن تنھنجو دشمن بکايل آھي تہ کيس کاراءِ ۽ اڃايل آھي تہ کيس پيار، ڇالاءِجو ائين ڪرڻ سان تون ھن کي شرمسار ڪندين.“
Chunguza رومين 12:20
14
رومين 14:12-15
جيڪي اوھان کي ستائين ٿا تن کي دعا ڪريو. ھائو، کين دعا ڪريو پر پٽ پاراتو نہ ڏيو. جيڪي خوشي ڪن تن سان خوشي ڪريو ۽ جيڪي روئن تن سان گڏجي روئو.
Chunguza رومين 12:14-15
15
رومين 13:12
ايمان وارن جي اوکيءَ ويل مدد ڪريو ۽ مھماننوازيءَ جي پاڻ ۾ عادت وجھو.
Chunguza رومين 12:13
16
رومين 4:12-5
جھڙيءَ طرح جسم ۾ گھڻا ئي عضوا آھن ۽ ھر ھڪ عضوي جو پنھنجو پنھنجو ڪم آھي، تھڙيءَ طرح اسين بہ جيتوڻيڪ گھڻا ئي آھيون، پر مسيح سان گڏجي ھڪ ٿيڻ ڪري ھڪ جسم ٿيا آھيون ۽ پاڻ ۾ ھڪ ٻئي جا عضوا آھيون.
Chunguza رومين 12:4-5
Nyumbani
Biblia
Mipango
Video