1
لوقا 24:13
Common Language New Testament
SCLNT
”سوڙھي دروازي مان اندر گھڙڻ لاءِ دلوجان سان ڪوشش ڪريو، ڇالاءِجو آءٌ اوھان کي ٻڌايان ٿو تہ ڪيترائي اندر گھڙڻ جي ڪوشش ڪندا پر گھڙي نہ سگھندا.
Linganisha
Chunguza لوقا 13:24
2
لوقا 11:13-12
اتي ھڪڙي عورت ھئي جنھن ۾ ارڙھن ورھين کان ھڪڙو ڀوت ھو، جنھن جي ڪري ھوءَ ڪمزور رھندي ھئي. تنھنڪري ھوءَ ڪُٻي ٿي ويئي ھئي ۽ بلڪل سڌي ٿي نہ سگھندي ھئي. عيسيٰ جڏھن ھن کي ڏٺو تہ سڏي چيائينس تہ ”اي مائي! تو پنھنجي بيماريءَ کان جند ڇڏائي.“
Chunguza لوقا 13:11-12
3
لوقا 13:13
عيسيٰ کيس ھٿ لاتو تہ ھوءَ ھڪدم سنئين سڌي ٿي بيٺي ۽ خدا جي واکاڻ ڪرڻ لڳي.
Chunguza لوقا 13:13
4
لوقا 30:13
جيڪي ھاڻي پويان آھن سي اڳيان ٿيندا ۽ جيڪي اڳيان آھن، سي پويان ٿيندا.“
Chunguza لوقا 13:30
5
لوقا 25:13
جڏھن گھر ڌڻيءَ ھڪ دفعو اٿي در بند ڪري ڇڏيو، تہ پوءِ اوھين ٻاھر بيھي ڪيترو بہ در کڙڪايو ۽ چئو تہ ’اي مالڪ! اسان لاءِ در کوليو،‘ تہ ھو ورنديءَ ۾ چوندو تہ ’آءٌ اوھان کي نہ ٿو سڃاڻان تہ اوھين ڪٿان آيا آھيو.‘
Chunguza لوقا 13:25
6
لوقا 5:13
آءٌ اوھان کي ٻڌايان ٿو تہ نہ، پر جيڪڏھن اوھين پنھنجن گناھن کان توبھہ نہ ڪندا تہ ائين برباد ٿيندا، جيئن اھي ٿيا ھئا.“
Chunguza لوقا 13:5
7
لوقا 27:13
پر ھو وري اوھان کي چوندو تہ ’آءٌ اوھان کي نہ ٿو سڃاڻان تہ اوھين ڪٿان آيا آھيو. اوھين مڙيئي بدڪار منھنجي اکين اڳيان ٽري وڃو.‘
Chunguza لوقا 13:27
8
لوقا 18:13-19
عيسيٰ پڇيو تہ ”خدا جي بادشاھت ڇا جي مثل آھي؟ ان کي آءٌ ڇا سان ڀيٽيان؟ اھا سرنھن جي داڻي مثل آھي، جو ڪنھن ماڻھوءَ کڻي پنھنجي باغ ۾ پوکيو تہ اھو وڌي وڻ ٿي پيو ۽ سندس ٽارين ۾ پکين واھيرا ڪيا.“
Chunguza لوقا 13:18-19
Nyumbani
Biblia
Mipango
Video