متي 3

3
يوحنا بپتسما ڏيڻ واري جو پرچار ڪرڻ
(مرقس 1‏:1‏-8، لوقا 3‏:1‏-18، يوحنا 1‏:19‏-28)
1 ڪجھہ سالن کان پوءِ يوحنا بپتسما ڏيڻ وارو يهوديہ جي رڻ‌پٽ ۾ پرچار ڪندو پئي وتيو تہ 2#مت 4‏:17، مر 1‏:15 ”توبهہ ڪريو جو آڪاش جو راڄ ويجھو آيو آهي.“ 3#يس 40‏:3 يوحنا اهو ئي هو جنهن لاءِ سنديش ڏيندڙ سنت يسعياہ جي معرفت چيو ويو هو تہ
”رڻ‌پٽ ۾ پڪارڻ واري جو آواز اچي ٿو تہ
’پرڀوءَ لاءِ رستو تيار ڪريو،
هن لاءِ واٽون سڌيون ڪريو.‘“
4 # 2.با 1‏:8 يوحنا کي اُٺ جي وارن مان ٺهيل ڪپڙا پهريل هوندا هئا، کيس چيلهہ سان چمڙي جو پٽو ٻڌل هوندو هو ۽ سندس خوراڪ ماڪڙ ۽ جھنگلي ماکي هئي. 5هن وٽ يهوديہ صوبي، بلڪ ان جي شهر يروشلم کان توڙي اردن درياءَ جي چؤطرف وارن علائقن کان ماڻهو پئي آيا. 6انهن پنهنجا پاپ پئي باسيا ۽ هن کين اردن درياءَ ۾ بپتسما ٿي ڏني.
7 # مت 12‏:34، 23‏:33 يوحنا جڏهن ڏٺو تہ ڪيترائي فريسي ۽ صدوقي بپتسما وٺڻ لاءِ اچي رهيا آهن، تڏهن انهن کي چيائين تہ ”اي نانگ جا ٻچؤ! اوهان کي ڪنهن ٻڌايو آهي تہ اوهين ايشور جي ايندڙ ڏمر کان بچي سگھندا؟ 8اهڙا ڪم ڪريو جن مان سڌ پوي تہ اوهان سچ پچ پنهنجن پاپن تي پڇتايو آهي. 9#يو 8‏:33 ائين نہ سمجھو تہ اوهين ابرهام جو اولاد هئڻ ڪري بچي ويندا. آءٌ اوهان کي ٻڌايان ٿو تہ ايشور هنن پٿرن مان بہ ابرهام لاءِ اولاد پيدا ڪري سگھي ٿو. 10#مت 7‏:19 هاڻي تہ وڻن جي پاڙن تي ڪهاڙو تيار رکيو ويو آهي ۽ جيڪو وڻ سٺو ميوو نہ ڏيندو تہ ان کي وڍي باهہ ۾ اڇلائبو. 11آءٌ اوهان کي پاڻيءَ سان بپتسما ٿو ڏيان ان لاءِ تہ اوهان پاپن کان توبهہ ڪئي آهي. پر جيڪو مون کان پوءِ ايندو سو اوهان کي پوِتر آتما ۽ باهہ سان بپتسما ڏيندو. آءٌ هن جهڙو نہ آهيان، هو شڪتيءَ وارو آهي. آءٌ سندس جتي کڻڻ جي لائق بہ نہ آهيان. 12هن کي پنهنجو ڇڄ هٿن ۾ آهي، جنهن سان هو پنهنجي ڳاهيل فصل کي چڱيءَ طرح صاف ڪندو. هو پنهنجي ڪڻڪ پنهنجي ڀانڊي ۾ انبار ڪندو، پر بُهہ کي اهڙيءَ باهہ ۾ ساڙي ڇڏيندو جيڪا ڪڏهن بہ نہ ٿي وسامي.“
يسوع مسيح جو بپتسما وٺڻ
(مرقس 1‏:9‏-11، لوقا 3‏:21‏-22)
13پوءِ يسوع گليل علائقي کان اردن درياءَ تي يوحنا وٽ آيو تہ کانئس بپتسما وٺي. 14پر يوحنا کيس منع ڪرڻ لڳو ۽ چيائينس تہ ”مون کي تہ پاڻ اوهان کان بپتسما وٺڻ گھرجي ۽ اوهين وري مون وٽ آيا آهيو؟“ 15تنهن تي يسوع جواب ڏنس تہ ”في‌الحال تہ منهنجي مڃ، ڇاڪاڻ تہ اهڙيءَ طرح اسين ايشور جا سڀ فرض پورا ڪنداسين.“ پوءِ يوحنا کيس بپتسما ڏيڻ قبول ڪيو.
16سو يسوع جيئن ئي بپتسما وٺي پاڻيءَ مان ٻاهر آيو تہ هن لاءِ آڪاش کُلي پيو ۽ ايشور جي آتما هڪ ڪبوتر وانگر هيٺ لهندي ۽ پاڻ تي ويهندي ڏٺائين. 17#پيد 22‏:2، زب 2‏:7، يس 42‏:1، مت 12‏:18، 17‏:5، لو 9‏:35 پوءِ آڪاش مان هڪ آواز آيو تہ ”هي منهنجو پيارو پٽ آهي ۽ آءٌ هن مان ڏاڍو خوش آهيان.“

Obecnie wybrane:

متي 3: HSB

Podkreślenie

Udostępnij

Kopiuj

None

Chcesz, aby twoje zakreślenia były zapisywane na wszystkich twoich urządzeniach? Zarejestruj się lub zaloguj

YouVersion używa plików cookie, aby spersonalizować twoje doświadczenia. Korzystając z naszej strony, wyrażasz zgodę na używanie przez nas plików cookie zgodnie z naszą Polityką prywatności