متي 2

2
اوڀر جا جوتشي
1 يهوديہ جي #2‏:1 راجا هيروديس هي اهو هيروديس هو جنهن کي هيروديس اعظم سڏيو ويندو هو. رومي مهاراجا قيصر کيس ”يهودين جو راجا“ جو لقب ڏنو هو. هن جي نہ رڳو يهوديہ تي پر سامريہ ۽ گليل تي بہ، يعني پوري فلستين علائقي تي 37 ق م کان 4 ق م تائين روم جي طرفان حڪومت هئي. ڏسو ”خاص لفظن جي سمجھاڻي“ ۾ ”فلستين علائقو.“راجا هيروديس جي ڏينهن ۾ يسوع يهوديہ جي بيت‌لحم ڳوٺ ۾ پيدا ٿيو. تڏهن ڪي جوتشي اوڀر کان يروشلم ۾ آيا 2۽ اچي پڇيائون تہ ”يهودين جو راجا جيڪو پيدا ٿيو آهي، سو ڪٿي آهي؟ اسان هن جو تارو اوڀر ۾ ڏٺو آهي ۽ اسين هن جي اڳيان سيس نوائڻ لاءِ آيا آهيون.“ 3هيروديس راجا جڏهن هي ٻڌو تہ هو ۽ يروشلم جا سڀيئي ماڻهو ڏاڍا پريشان ٿيا. 4هن سڀني سردار ڪاهنن ۽ نيم شاسترين کي گھرايو ۽ کانئن پڇيو تہ ”مسيح ڪٿي پيدا ٿيندو؟“ 5انهن وراڻيو تہ ”يهوديہ جي بيت‌لحم ۾، ڇاڪاڻ تہ ايشور جو سنديش ڏيندڙ سنت هيئن لکيو آهي تہ
6 # ميڪ 5‏:2 ’اي بيت‌لحم! يهوديہ جي ملڪ ۾،
تون ڪنهن بہ طرح يهوديہ جي راجڪمارن مان
ڪنهن کان بہ ننڍو نہ آهين،
ڇاڪاڻ تہ تو منجھان هڪ حاڪم نڪرندو،
جيڪو منهنجي قوم بني اسرائيل جي رهبري ڪندو.‘“
7تنهن تي هيروديس انهن جوتشين کي اڪيلائيءَ ۾ گھرائي پڇيو تہ ”تارو ٺيڪ ڪهڙي وقت نظر آيو هو؟“ 8پوءِ هن انهن کي هي حڪم ڏيئي بيت‌لحم ڏانهن موڪليو تہ ”وڃي چڱيءَ طرح سان ٻار جي ڳولا ڪريو ۽ جڏهن اوهين انهيءَ کي لهو تہ اچي مون کي ٻڌائجو تہ جيئن آءٌ بہ وڃي سندس اڳيان سيس نوايان.“
9‏-10راجا جي حڪم موجب اهي روانا ٿيا ۽ رستي ۾ جڏهن اهو تارو ڏٺائون جيڪو اوڀر ۾ ڏٺو هئائون، تڏهن اهي خوشيءَ وچان ڪپڙن ۾ نہ پيا ماپن. اهو تارو سندن اڳيان هلندو رهيو، تان جو اچي ان جاءِ جي مٿان بيٺو جتي اهو ٻار هو. 11هو گھر ۾ گھڙي ويا ۽ ٻار کي سندس ماتا مريم سميت ڏٺائون ۽ گوڏا کوڙي سندس اڳيان سيس نوايائون. پوءِ انهن پنهنجيون ڳوٿريون کولي کيس سوکڙيون پيش ڪيون جيڪي سون، لوبان ۽ #2‏:11 مُرَ هڪ وڻ جي کؤنر، جيڪا خوشبودار ۽ قيمتي آهي. اها دوائن ۾ ۽ لاشن کي دفنائڻ جي تياري ڪرڻ ۾ بہ استعمال ٿيندي هئي.مُرَ هيون. 12ايشور انهن کي خواب ۾ چتاءُ ڏنو تہ ”متان وري هيروديس وٽ ويا آهيو.“ تنهنڪري اُهي ٻيو رستو وٺي پنهنجي ملڪ ڏانهن موٽي ويا.
مصر ۾ وڃي رهڻ
13جڏهن اُهي هليا ويا تہ پرميشور جو هڪڙو دوت يوسف کي خواب ۾ نظر آيو، جنهن چيس تہ ”اُٿ، ٻار ۽ سندس ماتا کي وٺي مصر ڏانهن ڀڄي وڃ ۽ جيستائين آءٌ نہ چوانءِ تيستائين اُتي ئي رهجانءِ، ڇو تہ هيروديس ٻار جي ڳولا ڪري کيس مارائڻ گھري ٿو.“ 14تنهن تي هو اٿيو، ٻار ۽ سندس ماتا کي ساڻ ڪري راتو رات مصر ڏانهن هليو ويو. 15#هوس 11‏:1 هيروديس جي مرڻ تائين هو اُتي ئي رهيا، انهيءَ لاءِ تہ پرميشور پنهنجي سنديش ڏيندڙ سنت جي معرفت جيڪي چيو هو سو پورو ٿئي تہ ”مون پنهنجي پٽ کي مصر مان گھرايو آهي.“
ٻارن ۾ ڪوس
16جڏهن هيروديس ڏٺو تہ جوتشين ساڻس ٺڳي ڪئي آهي، تڏهن ڏاڍو اچي ڪاوڙيو. هن حڪم ڏنو تہ ”بيت‌لحم ۽ ان جي پسگردائيءَ ۾ انهن سڀني ڇوڪرن کي ماري ڇڏيو، جن جي عمر ٻن سالن تائين هجي،“ ڇو تہ عمر بابت هن کي اهو وقت ياد هو جڏهن جوتشين کيس تاري جي ظاهر ٿيڻ بابت ٻڌايو هو. 17اهڙيءَ طرح اها ڳالهہ پوري ٿي جيڪا سنديش ڏيندڙ سنت يرمياہ جي معرفت چئي ويئي هئي تہ
18 # ير 31‏:15 ”رامہ شهر ۾ هڪڙو آواز ٻڌڻ ۾ آيو،
ڏاڍي روئڻ ۽ پٽڻ جو آواز.
راخل پنهنجي ٻارن لاءِ روئي ٿي،
اها روئي ٿي ۽ کيس آرام نہ ٿو اچي،
ڇاڪاڻ تہ اُهي سڀ مري ويا آهن.“
مصر مان واپسي
19هيروديس جي مرڻ کان پوءِ مصر ۾ يوسف کي خواب ۾ پرميشور جو هڪڙو دوت ڏسڻ ۾ آيو، 20جنهن چيس تہ ”اُٿ، ٻار ۽ سندس ماتا مريم کي وٺي موٽي اسرائيل جي ملڪ وڃ، ڇاڪاڻ تہ جيڪي ٻار کي مارائڻ جي ڪوشش ڪن پيا سي مري ويا آهن.“ 21تنهن تي يوسف اٿيو، ٻار ۽ سندس ماتا کي وٺي موٽي اسرائيل جي ملڪ ۾ آيو.
22جڏهن هن کي خبر پيئي تہ اتي ارخلائوس پنهنجي پتا هيروديس جي گاديءَ تي يهوديہ صوبي جو حڪمران ٿيو آهي تہ هو اوڏانهن وڃڻ کان ڊڄڻ لڳو. تڏهن هن کي خواب ۾ وڌيڪ هدايتون مليون، سو هو گليل صوبي ۾ آيو 23#مر 1‏:24، لو 2‏:39، يو 1‏:45 ۽ اچي ناصرت ڳوٺ ۾ رهيو. اهو ان ڪري ٿيو تہ سنديش ڏيندڙ سنتن جي معرفت جيڪي چيو ويو هو سو پورو ٿئي تہ ”هو ناصري سڏيو ويندو.“

Obecnie wybrane:

متي 2: HSB

Podkreślenie

Udostępnij

Kopiuj

None

Chcesz, aby twoje zakreślenia były zapisywane na wszystkich twoich urządzeniach? Zarejestruj się lub zaloguj

YouVersion używa plików cookie, aby spersonalizować twoje doświadczenia. Korzystając z naszej strony, wyrażasz zgodę na używanie przez nas plików cookie zgodnie z naszą Polityką prywatności