1
مرقس 34:15
Sindhi Bible NT
SB62
۽ ٽئين پهر يسوع وڏي آواز سان پڪاري چيو، تہ الوئي، الوئي، لما سبقتني؟ جنهن جو ترجمو آهي، اي منهنجا خدا، اي منهنجا خدا، تو مون کي ڇو ڇڏي ڏنو آهي؟
Харьцуулах
مرقس 15:34 г судлах
2
مرقس 39:15
۽ صوبيدار جو سندس سامهون اتي بيٺو هو، تنهن جڏهن ڏٺو تہ هن انهيءَ طرح ساهہ ڏنو، تڏهن چوڻ لڳو تہ سچ پچ هي ماڻهو خدا جو فرزند هو.
مرقس 15:39 г судлах
3
مرقس 38:15
۽ هيڪل جو پردو چوٽيءَ کان وٺي تري تائين ڦاٽي ٻہ اڌ ٿي پيو.
مرقس 15:38 г судлах
4
مرقس 37:15
پوءِ يسوع وڏو واڪو ڪري دم ڏنو.
مرقس 15:37 г судлах
5
مرقس 33:15
۽ جڏهن ٻپهري ٿي، تڏهن سڄي زمين تي اونداهي ٿي ويئي، جا ٽئين پهر تائين هلي.
مرقس 15:33 г судлах
6
مرقس 15:15
۽ پلاطس جي مرضي هئي تہ ماڻهن کي راضي ڪريان، تنهنڪري هنن جي خاطر برابا کي ڇڏي ڏنائين، ۽ يسوع کي چهبڪن هڻڻ کانپوءِ حوالي ڪيائين تہ وڃي صليب تي چاڙهيوس.
مرقس 15:15 г судлах