1
لوقا 15:8
Sindhi Bible NT
SB62
پر جيڪي ڀليءَ زمين تي ڪِريا سي اُهي آهن، جي ڪلام ٻڌي سچيءَ ۽ سالم دل ۾ اُن کي سانڍيو رکن ٿا، ۽ صبر سان ڦل پيا اُپائين.
Харьцуулах
لوقا 8:15 г судлах
2
لوقا 14:8
۽ جيڪي ڪنڊين ۾ ڪِريا سي اُهي آهن جن ٻُڌو آهي ۽ هلندي هلندي حياتيءَ جي فڪرن، ۽ دولت، ۽ عيش عشرتن ۾ ڦاسيو پون، ۽ سندن ڦل پچي ئي ڪين.
لوقا 8:14 г судлах
3
لوقا 13:8
۽ ٽڪر وارا اُهي آهن، جي جڏهن ڪلام ٻُڌن ٿا، تڏهن خوشيءَ سان مڃيو وٺن، پر پاڙ نہ هئڻ ڪري ٿوري وقت تائين ايمان آڻي، پوءِ آزمائش جي مهل ڦريو وڃن.
لوقا 8:13 г судлах
4
لوقا 25:8
۽ اُنهن کي چيائين تہ اوهان جو ايمان ڪيڏانهن ويو؟ ۽ اُهي ڊڄي ويا، ۽ عجب ۾ پئجي پاڻ ۾ چوڻ لڳا تہ هيءُ ڪير آهي، جو واءُ ۽ پاڻيءَ کي بہ حڪم ٿو ڪري ۽ اُهي مڃينس ٿا؟
لوقا 8:25 г судлах
5
لوقا 12:8
جيڪي گس تي ڪِريا، سي اُهي آهن جن ٻُڌو آهي، پوءِ شيطان اچي اُنهي ڪلام کي سندن دل مان ڪڍيو وڃي، تہ متان ايمان آڻين ۽ نجات ملين.
لوقا 8:12 г судлах
6
لوقا 17:8
ڇالاءِ جو ڪي بہ لڪل نہ آهي جو پڌرو نہ ٿيندو، ۽ ڪي بہ ڳجهو نہ آهي، جنهن جي خبر نہ پوندي ۽ ظاهر نہ ٿيندو.
لوقا 8:17 г судлах
7
لوقا 47:8-48
۽ جڏهن زال ڏٺو تہ آئون لڪي نہ سگهيس، تڏهن ڏڪندي ڏڪندي آئي، ۽ اچي کيس پيرين پئي، ۽ سڀني جي روبرو ٻڌايائين تہ ڪهڙي سبب مون توکي هٿ لاتو، ۽ ڪهڙيءَ طرح آئون يڪدم چڱي ڀلي ٿي پيس. ۽ هن چيس تہ ڌيءَ، تنهنجي ايمان توکي ڇُٽايو آهي، سلامت هلي وڃ.
لوقا 8:47-48 г судлах
8
لوقا 24:8
تڏهن وٽس اچي جاڳائي چيائونس، تہ اي سائين، اي سائين، اسين تہ ٻُڏي وياسين. تنهن تي هو اُٿيو ۽ واءُ ۽ پاڻيءَ جي لهرن کي جهڻڪيائين: جنهن ڪري اُهي بيهي ويا، ۽ نوائي ٿي ويئي.
لوقا 8:24 г судлах