1
لوقا 13:11
Sindhi Bible NT
SB62
پوءِ جيڪڏهن اوهين جي بڇڙا آهيو، سي پنهنجن ٻارن کي چڱيون شيون ڏيئي ٿا ڄاڻو، تہ ڪيترو نہ وڌيڪ اوهان جو پيءُ، جو آسمان ۾ آهي، سو اُنهن کي پاڪ روح ڏيندو، جيڪي کانئس گهُرن ٿا.
Харьцуулах
لوقا 11:13 г судлах
2
لوقا 9:11
۽ آئون اوهان کي چوان ٿو، تہ گهُرو تہ مليوَ، ڳوليو تہ لڀيوَ، کڙڪايو تہ پَٽجيوَ.
لوقا 11:9 г судлах
3
لوقا 10:11
ڇالاءِ تہ جيڪو ڪو گهُري ٿو تنهن کي ملي ٿو، ۽ جيڪو ڳولي ٿو، تنهن کان لڀجي ٿو ۽ جيڪو کڙڪائي ٿو، تنهن جي لاءِ پَٽجي ٿو.
لوقا 11:10 г судлах
4
لوقا 2:11
هن کين چيو، تہ جڏهن اوهين دعا گهرو، تڏهن هيئن چئو تہ اي بابا، تون جو آسمان ۾ آهين، تنهنجو نالو پاڪ مڃيو وڃي، تنهنجي بادشاهي اچي.
لوقا 11:2 г судлах
5
لوقا 4:11
۽ اسان جا گناهہ اسان کي معاف ڪر؛ ڇالاءِ تہ جيڪي اسان جا قرضدار آهن، تن کي اسين معاف ٿا ڪريون، ۽ اسان کي آزمائش ۾ نہ آڻ.
لوقا 11:4 г судлах
6
لوقا 3:11
اسان جي ڏهاڙيءَ جي ماني هر روز اسان کي ڏي.
لوقا 11:3 г судлах
7
لوقا 34:11
بدن جو ڏيئو آهي تنهنجي اک: سو جي تنهنجي اک برابر هوندي، تہ تنهنجو سڄو بدن بہ روشنيءَ سان ڀريل هوندو، پر جي بڇڙي هوندي، تہ تنهنجو بدن بہ اونداهيءَ سان ڀريل هوندو.
لوقا 11:34 г судлах
8
لوقا 33:11
ڪوبہ شخص ڏيئو ٻاري بهري ۾ يا ٽوئي هيٺ نہ، پر ڏياٽيءَ تي ٿو رکي، تہ جيڪي اندر اچن تن کي سوجهرو ملي.
لوقا 11:33 г судлах