1
يوحنا 24:4
Sindhi Bible NT
SB62
خدا روح آهي: ۽ جيڪي سندس عبادت ٿا ڪن، تن کي روح ۽ سچائيءَ سان عبادت ڪرڻ گهرجي.
Харьцуулах
يوحنا 4:24 г судлах
2
يوحنا 23:4
پر اُها گهڙي اچي ٿي، بلڪ هينئر اچي سهڙي آهي، جڏهن سچا عابد روح ۽ سچائيءَ سان پيءُ جي عبادت ڪندا: ڇالاءِ تہ پيءُ اهڙن ئي عابدن کي ٿو چاهي.
يوحنا 4:23 г судлах
3
يوحنا 14:4
پر جو پاڻي آئون ڏيندوسانس، سو جيڪو پيئندو، تنهن کي وري اُڃ ڪانہ لڳندي؛ بلڪ پاڻي جو آئون ڏيندوسانس، سو ان ۾ پاڻيءَ جو هڪ چشمو ٿي پوندو، جو هميشہ جي زندگي تائين پيو وهندو.
يوحنا 4:14 г судлах
4
يوحنا 10:4
يسوع جواب ڏيئي چيس تہ جي توکي خدا جي بخشش جي خبر هجي ها، ۽ ڄاڻين ها تہ اُهو ڪير آهي جو توکي چوي ٿو تہ مون کي پاڻي پيار؛ تہ تون جيڪر هن کان گهُرين ها، ۽ هو توکي زندگيءَ جو پاڻي ڏئي ها.
يوحنا 4:10 г судлах
5
يوحنا 34:4
يسوع چين تہ منهنجو کاڄ هيءُ آهي، تہ جنهن موڪليو اٿم، تنهن جي مرضي بجا آڻيان، ۽ سندس ڪم پورو ڪريان.
يوحنا 4:34 г судлах
6
يوحنا 11:4
تڏهن انهي زال چيس، تہ اي سائين، تو وٽ تہ ڪو ڏول ڪونهي ۽ کوهہ اونهو آهي، پوءِ زندگيءَ جو پاڻي تو وٽ ڪٿان آيو؟
يوحنا 4:11 г судлах
7
يوحنا 25:4-26
زال چيس، تہ مون کي خبر آهي تہ مسيح اچڻو آهي (جنهن کي ڪرستس ڪري ٿا چون)، جڏهن اُهو ايندو، تڏهن اسان کي سڀ ڳالهيون ٻُڌائيندو. يسوع چيس تہ اُهو آئون آهيان جو تو سان ويٺو ڳالهايان.
يوحنا 4:25-26 г судлах
8
يوحنا 29:4
اچو، هڪڙو ماڻهو تہ اچي ڏسو، جنهن سڀ جيڪي مون ڪيو آهي، سو مون کي ٻُڌايو اٿس: متان هيءُ مسيح تہ نہ آهي؟
يوحنا 4:29 г судлах