1
متي 24:16
Hindu Sindi Bible NT
HSB
پوءِ يسوع پنهنجي چيلن کي چيو تہ ”جيڪڏهن ڪو منهنجي پٺيان هلڻ گھري تہ هو پنهنجي آپي کي ماري ۽ پنهنجي سولي کڻي منهنجي پٺيان هلي.
比較
متي 16:24で検索
2
متي 18:16
آءٌ تو کي اهو بہ چوان ٿو تہ تون ٽڪر آهين ۽ ان ٽڪر تي آءٌ پنهنجي منڊلي اڏيندس جيڪا موت جي طاقت تي حاوي ٿيندي.
متي 16:18で検索
3
متي 19:16
آءٌ آڪاش جي راڄ جون چاٻيون تنهنجي حوالي ڪندس. سو جنهن ڳالهہ جي تون ڌرتيءَ تي منع ڪندين، تنهن جي آڪاش کان بہ منع ڪئي ويندي ۽ جنهن ڳالهہ جي تون ڌرتيءَ تي آگيا ڏيندين، تنهن جي آڪاش کان بہ آگيا ڏني ويندي.“
متي 16:19で検索
4
متي 25:16
ڏسو، جيڪو چاهي ٿو تہ ’آءٌ پنهنجي جان بچايان،‘ سو اها وڃائيندو. پر جيڪو منهنجي لاءِ پنهنجي جان ڏيندو تنهن کي اها ملندي.
متي 16:25で検索
5
متي 26:16
ڀلا ماڻهوءَ کي انهيءَ مان ڪهڙو فائدو جو سڄو سنسار تہ هٿ ڪري پر پنهنجي جان وڃائي ڇڏي؟ ماڻهو ڪجھہ بہ ڏيئي پنهنجي جان وري حاصل ڪري نہ ٿو سگھي.
متي 16:26で検索
6
متي 15:16-16
يسوع پڇين تہ ”اوهين ڇا ٿا چئو تہ آءٌ ڪير آهيان؟“ تنهن تي شمعون پطرس وراڻيو تہ ”اوهين مسيح آهيو، جيوت ايشور جا پٽ.“
متي 16:15-16で検索
7
متي 17:16
يسوع چيس تہ ”اي يوحنا جا پٽ شمعون! تون سڀاڳو آهين، ڇاڪاڻ تہ هيءَ حقيقت ڪنهن انسانذات نہ، پر منهنجي پتا، جيڪو آڪاش تي آهي تنهن تو تي ظاهر ڪئي آهي.
متي 16:17で検索
ホーム
聖書
読書プラン
ビデオ